اسلام آباد – 22 مارچ (اي پي پي) ملائيشيا جي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد قومي معيشت کي نقصانن کان بچ??ئڻ جي لاءِ پاڪستان کي بدعنواني جي خاتمي جي شعبي ۾ تعاون جي آڇ ڪندي چيو آهي ته بدعنواني ملڪن جي ترقي جي راهه ۾ وڏي رڪ??وٽ آهي، ان جا عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي منفي اثر پون ٿا، بدعنواني جي خاتمي ۾ تعاون جو دائرو ٻين مسلمان ملڪن تائين پڻ ??ڌائي سگهجي ٿو. وزيراعظم عمران خان سان گڏ وزيراعظم هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ملائيشيا جي وزيراعظم چيو ته ملائيشيا کي بدعنواني جي منفي اثرن بابت تمام گهڻي ڳڻتي آهي ۽ سمجهون ٿا ته اها سماجي اقتصادي ترقي جي راهه ۾ وڏي رڪ??وٽ آهي.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر