اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دنيا کي ڀارت جي ٻٽي رويي جو نوٽيس وٺڻو پوندو، ڀارت ني??زي??ينڊ واقعي جي مذمت ته ڪئي پر مسلمان شهيدن ۽ مسجدن جو ذڪر به نه ڪيو، سمجهوتا ايڪسپ??يس تي دهشتگرد حملي بابت ڀارتي عدالت جو فيصلو ڀارت جي ٻٽي معياري جي عڪاسي ڪري ٿو، چين پاڪستان جو لازوال دوست ۽ جبل وانگر اسان سان گڏ بيٺل آهي، هلندڙ سال چين مان هڪ ارب ڊالر اضافي ايڪسپورٽ متوقع آهي، آمري??ا سان لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن. پرڏيهي وزارت ۾ اطلاعات واري وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ سيڙپڪري بورڊ جي چيئرمين ه??رو?? شريف سان گڏ پ??يس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته سمجهوتا ايڪسپ??يس ۾ شهيد ٿيندڙ بيگناهن ??ي ذميوار چئن ڏوهارين کي آزاد ڪري ڇڏڻ انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي.
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔