انقره – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ترڪ سيڙپڪارن کي خاطري ڪرائي آهي ته کين هاڻي پ??ڪس??ان ۾ بلڪل مختلف حڪومت ملندي جيڪا ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪندي دولت جي پيداوار تي يقين رکي ٿي، حڪومت سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. ترڪ بزنس ڪائونسل جي ميمبرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پ??ڪس??ان کي تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشت تصور ڪيو ويندو هو ۽ اها ترقي جي حقيقي ماڊل جي طور تي ڏيکاريي ويندي هئي، ڏکڻ ڪوريا ۽ ملائي??يا پ??ڪس??ان کان سکيو ۽ ٻئي ملڪ اڳتي وڌي ويا.
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس