انقره-09 آڪٽوبر (اي پي پي) ترڪيه ۾ ايراني سفير محمد حسن حبيب الله زاده چيو آهي ته سندس ملڪ تي اسرائيل جي امڪاني حملي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. مراڪش اخبار کي انٽرويو ۾ ايراني سفير چيو ته اهو دور ختم ٿي ويو آهي جڏهن ايران پنهنجي اصولن تي پوري طرح عمل پيرا هو. جيڪڏهن صيهوني حڪومت ايران تي ح??لو ڪيو ته ان کي سخت ۽ زبردست جواب کي منهن ڏيڻو پوندو. ايران ڪو اهڙو ملڪ نه آهي جيڪو جنگ ڦهلائڻ چاهي ٿو. اسان لبنان ۽ فلسطين ۾ صرف ان شرط تي جنگ بندي چاهيون ٿا ته انهن قومن ۽ انهن جي آبادين جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي. حبيب الله زرده اها به نشا??ده?? ڪئي ته جيڪي ماڻهو سڌي ريت تڪرار ۾ ملوث نه آهن انهن کي اير??ن خلاف اسرائيل جي حملن يا جارحيت ۾ حصو نه وٺڻ گ??رج?? ٻئي صورت ۾ ايران جوابي ڪارروائي ڪندو. ايراني سفير چيو ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو ترڪيه جي دوري جو امڪان آهي. جتي هو 3+3 ڏکڻ قفقاز اجلاس جي هڪ ڌُر طور ڳالهين ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته ان فارميٽ جو ٽيون سيشن جنهن ۾ آرمينيا، آذربائيجان، روس، ايران، ترڪيه ۽ جارجيا شامل آهن، ترڪيه ۾ ٿيڻ وارو آهي. ٻطرفي ??اڳاپن جي باري ۾ ڳالهائيندي ايراني سفير چيو ته تهران ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دوري جو منتظر آهي.
اسرائيل جي امڪاني حملي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو: ايراني سفير
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha