ٽوڪيو _ 13 آگسٽ (اي پي پي ) جاپان جي گادي واري شهر ٽوڪيو جي عالمي هوائ?? اڏي کي ڪارگو جهاز جي هنگامي لينڊنگ سبب بند ڪيو ويو. پرڏيهي اداري جي رپورٽ مطابق گ??ريل ڏينهن ايٽلس ايئر جو لاس اينجلس لاءِ روانو ٿيل بوئنگ 747 ڪارگو جهاز هائيڊرالڪ سسٽم جي خرابي سبب ٽوڪيو جي ناريتا هوائ?? اڏي تي هنگامي لينڊنگ ڪئي جنهن دوران جهاز جو هڪ ٽا??ر ڦاٽي پيو . حادثي سبب هوائ?? اڏي جو رن وي اٽڪل 7 ڪلاڪن تائين بند رهيو. جاپان جي ٽرانسپورٽ واري وزارت مطابق ان واقعي ۾ جهاز ۾ سوار عملي جي ستن ميمبرن مان ڪو به زخمي ناهي ٿيو. رن وي جي بندش باوجود ٻين اڏامن جي اچ وڃ ۾ ڪا خاص دير نه ٿي ۽ نه ئي وري ڪا اڏام ملتوي ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2