نئين دهلي – 02 آگسٽ (اي پي پي) انساني حقن جي نا??يا??ن ڀارتي اڳواڻن، ججن، ليکڪن ڀارتي صدر مودي سرڪار کي هڪ خط اماڻيو آهي جنهن ۾ اسرائ??ل کي هٿيارن جي فراهمي ترت بند ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب هنن بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه جي نالي خط ۾ لکيو آهي ته ڀارت کي گهرجي ته هو اسرائ??ل کي فوجي سامان جي فراهمي ۾ پنهنجو سهڪار فوري طور معطل ڪرڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهه کي به يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري ته اسرائ??ل کي پهرين کان فراهم ڪيل هٿيار نسل ڪشي يا عالمي انساني قانونن جي ڀڃڪڙين لاءِ استعمال نه ٿين. خط لک??دڙ?? ۾ سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ جا اڳوڻا جج، معاشي ماهر، انساني حقن جا اڳواڻ ۽ ليکڪ شامل آهن. جن ۾ ڀارتي مشهور ليکڪه ۽ مودي سرڪار تي سخت تنقيد ڪندڙ ارون ڌتي راءِ به شامل آهي. هنن خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته بچاءَ واري وزارت ڀارتي ڪمپنين طرفان اسرائ??ل کي فوجي هٿيارن ۽ گولابارود جي سپلائي جي سمورن موجوده لائسنسز جو جائزو وٺي ۽ اهي رد ڪري.
ڀارت اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي بند ڪري: مودي کي خط
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔