آستانه -22 مئي (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير ??انگ اي شنگهائي سهڪار تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شريڪ ??ير??ني نائب پرڏيهي وزير مهدي سفاري سان ملاقات ڪئي. گذريل ڏينهن چين جي ميڊيا مطابق وانگ اي هڪ ڀيرو ٻيهر ??ير??ني صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ان مشڪل جي گهڙي ۾ چين، مضبوطي سان ??ير??ني دوستن سان گڏ بيٺل آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سپريم اڳواڻ جي قيادت ۾ ??ير??ني حڪومت ۽ عوام طئي ٿيل حڪمت عملي کي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي اڳيان وڌائيندا ۽ ملڪ جي مستحڪم ترقي کي برقرار رکندا. صورتحال ۾ خواه ڪا به تبديلي آئي، چين هميشه وانگر ??ير??ن سان گڏ اسٽريٽجڪ سهڪار کي مضبوط ڪندو. ٻنهي ڌرين جي گڏيل مفادن جو تحفظ ڪرندو ۽ علائقائي ۽ عالمي ??من لاءِ ڪوششون جاري رکندو. مهدي سفاري ان افسوسناڪ حادثي تي صدر شي جن پنگ ۽ پرڏيهي وزير ??انگ اي طرفان تعزيت جو اظهار ڪرڻ تي سن??ن شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته ??ير??ن جون گه??و ۽ پرڏيهي پاليسيون تبديل نه ٿينديون ۽ ??ير??ن قومي ??ري جي عمل کي مضبوطي سان هٿي ڏيندو رهندو. ??ير??ن، چين سان گڏ پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن سعودي عرب ۽ ??ير??ن وچ ۾ ٽياڪڙي کي هٿي وٺائڻ تي چين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته ??ير??ن لاڳاپيل عمل کي جاري رکڻ ۽ خطي جي ملڪن سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جو خواهشمند آهي.
مشڪل جي هن گهڙي ۾ ايران سان گڏ آهيون: چيني پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ