ڪولالمپور -07 نومبر (اي پي پي) ملائيشيا ڄاڻايل آمريڪي قانون تحت حماس ۽ ٻين ??يڙهاڪ فلسطيني گروپن جي حامين تي پابنديون کي رد ڪري ڇڏيو آهي. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پارليامينٽ ۾ هڪ لکت واري جواب ۾ چيو ته سندس ملڪ فلسطيني گروپن جي حامين تي هڪ طرفين ??ابندين کي تسيلم نه ڪندو. آمريڪي نمائندن واري ايوان گذريل هفتي حماس انٽرنيشنل فنانسنگ پريوينشن ا??ڪٽ جي من??وري ڏني هئي جنهن جو مقصد حماس ۽ ٻين ??لسطيني گروپن کي ملندڙ عالمي مالي امداد کي روڪڻ هو. ان بل جي آمريڪي سيينٽ مان من??وري اڃا باقي آهي. ملائيشيا جي وزيراعظم چيو ته ڄاڻايل آمريڪي بل ملائيشيا کي تڏهن متاثر ڪري سگهي ٿو جڏهن ا??و ثابت ٿي وڃي ته حماس يا اسلامي جهاد کي مالي مدد فراهم ڪئي وئي هئي. هن چيو ته م??ائيشيا خلاف ڪي به پابنديون آمريڪي حڪومت ۽ آمريڪي ڪمپنين جي تشخيص سان گڏوگڏ ملائيشيا ۾ آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپڪاري جا موقعا به متاثر ڪري سگهن ٿيون. واضح رهي ته م??ائيشيا جا اسرائيل سان سفارتي ناتا قائم ناهن.
فلسطيني گروپن جي حامين تي هڪ طرفيون آمريڪي پابنديون نه مڃينداسين: ملائيشيا
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل