نئين دهلي -13 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت ۾ بس ۽ ٽرالر ۾ خوفناڪ ٽ??ر جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 12 زخمي ٿي پيا آهن. چين جي خابرو ادا??ي مطابق ڀرت پور ضلع جي ٽريفڪ پوليس ترجمان ميڊيا کي ??ڌا??و ته جئه پور- آگرا شاهراه تي گجرات رياست کان مس??فر?? کي کڻي مذهبي رسمن جي ادائگي لاءِ اتر پرديش ويندڙ بس فني خرابي سبب انترا فلاءِ اوور تي بيٺي هئي ته ان دوران پٺيان آيل هڪ ٽرالر بس کي زوردار ٽڪر هنيو جهن جي نتيجي ۾ 6 عورتن سميت 11 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 12 زخمي ٿي پيا. ترجمان ??ڌا??و ته فوتين ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. مقامي پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته ڀارت ۾ هر سال ڏيڍ لک ماڻهو روڊ حادثن جو شڪار ٿيندا آهن. حڪومت 2024ع تائين روڊ حادثن ۾ ٿيندڙ فوتگين جو 50 سيڪڙو تائين انگ گهٽائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
ڀارت ۾ بس ۽ ٽرالر ۾ خوفناڪ ٽڪر 11 ڄڻا اجل جو شڪار، 12 زخمي
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا