گڏيل قومون- 22 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل والاريل ڄمون ڪشمير ۾ لائن آف ڪنٽرول ?رار_ریلز/116703.html">?ان امن ۽ سلامتيءَ جي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي مبصر مشن (يو اين ايم او جي آءِ پي) کي وڌيڪ مضبوط ۽ مؤثر بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم امن آپريشنز جي خصوصي ڪميٽيءَ جي 2023ع جي پهرئين سيشن کي خطاب ۾ چيو ته يو اين ايم او جي آءِ پي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مط??بق والاريل ڄمون ڪشمير ۾ لائن آف ڪنٽرول ?رار_ریلز/116703.html">?ان امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪندو رهندو. گڏيل قومن جو مبصر مشن جنوري 1949ع ۾ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگبنديءَ جي نگرانيءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو جتي پاڪستان گڏيل قومن جي مبصرن کي نگرانيءَ جي اجازت ڏني پر ڀارت نه ڏني. پاڪستاني نمائندي چيو ته تڪرارن کي حل ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ مجموعي سياسي حڪمت عملي جي هڪ حصي طور امن جو قيام سڀ کان وڌيڪ مؤثر آهي، ان لاءِ سياسي حڪمت عمليءَ کي تڪرارن جي روڪٿام کان وٺي تڪرارن جي حل تائين امن تسلسل ?رار_ریلز/116703.html">?ان اختيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته شهرين جي تحفظ جو مقصد هٿياربند جهيڙي کي پکيڙڻ کان روڪڻ، تڪرارن جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ ثالثي ذريعي منصفاڻي ۽ پائيدار سياسي حل تلاش ڪرڻ ?رار_ریلز/116703.html">?ان بهترين طريقي ?رار_ریلز/116703.html">?ان حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن اسٽريٽجڪ ڳالهين، صنفي مرڪزي ڌارا ۽ ان ۾ خدمتون انجام ڏيندڙن کي بهتر تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ مشن ۽ آپريشنز کي مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته امن جي قيام کي امن لاڳو ڪرڻ ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي جي ڪارروائين کان الڳ ڪرڻ گهرجي. هن عورتن امن جٿن جي واڌ جي حوالي ?رار_ریلز/116703.html">?ان مساوي جاگرافيائي نمائندگي تي زور ڀريندي چيو ته ان ?رار_ریلز/116703.html">?ان اسرندڙ ملڪن جون عورتن امن اهلڪارن جي شموليت کي ترغيب ملندي.
لائن آف ڪنٽرول تي امن ۽ سلامتي کي يقيني بنائڻ لاءِ گڏيل قومن جي مبصر مشن کي وڌيڪ مؤثر بنائڻ جي ضرورت آهي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر