اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي ??ي پي) رٿابندي،ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن ??قب??ل چيو آهي ته ملڪي ترقي لاءِ علامه ??قب??ل جي ويزن کي سمجهڻ ضروري آهي، نئين ن??ل کي ??قب??ل جي تعليم کان روشناس ڪرائڻ لاءِ بنيادي ۽ اعليٰ سطحي تائين تعليمي نصاب کي هم آهنگ ڪرڻ جي ضر??رت آهي.اهڙو اظهار هن فڪر ??قب??ل جي ترقياتي ويزن جي موضوع تي رٿيل مباحثي کي خط??ب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان 1999ع تائين معاشي لحاظ کان مستحڪم ملڪ هو، سياسي عدم استحڪام ۽ ترقي ۽ پاليسي جو تسلسل نه هجڻ سبب اسان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پوئتي رهجي ويا آهن. ??قب??ل جو تصور قوميت قيام پاڪستان جو سبب بڻيو.هن چيو ته ??قب??ل جو فلسفو خودي اسان کي هڪ خودار، خودمختيار ۽ معاشي لحاظ کان مستحڪم ملڪ جي ص??رت ۾ پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪرڻ جي دعوت ڏي ٿو. ??قب??ل ڪو صوفي ۽ مذهبي شاعر ۽ فلسفي نه هو، سندس انقلابي شاعري روشن خيال ۽ ترقي پسند معاشري جي قيام جي حامي آهي. هن چيو ته ??قب??ل جو فڪر ماٺار بدران تحرڪ جو رستو اختيار ڪرڻ طرف رهنمائي ڪري ٿو. هن چيو ته ملڪي ترقي لاءِ علامه ??قب??ل جي ترقي جي ويزن کي سمجهڻ ضروري آهي، نئين ن??ل کي ??قب??ل جي تعليم کان روشناس ڪرائڻ لاءِ بنيادي ۽ اعليٰ سطح تائين تعليمي نصاب کي هم آهنگ ڪرڻ جي ضر??رت آهي.
ملڪي ترقي لاءِ علامه اقبال جي ترقي جي ويزن کي سمجهڻ ضروري آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج