اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس چوري ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث شگر ملز مالڪن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ??نڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب ايف بي آر، ايف آءِ اي ۽ آءِ ب?? کي ??نڊ جي وڪري تي ٽيڪس جي چوري، غيردستاويزي وڪري ۽ قيمتن ۾ اضافي جي روڪٿام جي لاءِ گڏيل ڪارروائي جي هدايت ??ئي وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ايف بي آر، آءِ بي ۽ ايف آءِ ا?? کي هدايت ??ئي آهي ته شگر سيڪٽر ۾ سيلز ٽيڪس جي چوري جي خاتم?? کي يقيني بڻايو وڃي، ڪمند جي پيڙهائي جي مُند شروع ٿي رهي آهي، شگر ملز ۽ ڊيلرز کان جي ايس ٽي جي 100 سيڪڙو وصول?? کي پڻ يقيني بڻايو وڃي. بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي شگر ملز ۾ ڪئميرائون هڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن سان ??نڊ جي ذخيره اندوزي نه ٿي سگهندي ۽ قيمتن ۾ توازن رهندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽيڪس چوري ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث شگر ملز مالڪن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ??ئي ويندي. وزيراعظم جي هدايت تي ڪيمرائن جي ذريعي شگر ملز جي پيداواري عمل ۽ ذخيره اندوزي تي نظر رکي ويندي، سيلز ٽيڪس جي ادائيگي يقيني بڻائي ويندي ۽ ??نڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. وزيراعظم شگر سٽه مافيا جي خلاف پڻ سخت ڪارروائي جي هدايت ??ئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم اسٽيل، سگريٽ، سيمنٽ ۽ مشروبات سميت ٻين شعبن ۾ پڻ اهڙي طرح جي قدمن جي هدايت ??ئي آهي.
وزيراعظم پاران ٽيڪس چوري ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث شگر ملز مالڪن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت، شگر ملز ۾ ڪئميرائون هڻڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis