اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آ??ف علي زرداري سان روس جي فيڊرل ڪائونسل جي اسپيڪر ولنٽينا متوينڪو جي قيادت ۾ پارلياماني وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن گڏيل مفاد ۾ واپار، ڪاروبار، سيڙپڪاري، زراعت ۽ توانائي جي شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران صدر آ??ف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل احترام، مخ??لف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ جي گڏيل عزم تي ٻڌل آهن. هن ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن، اسڪالرشپ پروگرامن جي ذريعي ثقافتي رابطن ک?? وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي تعاون وڌائڻ جا بي پناهه امڪان آهن. صدر زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ روس پاران سيڙپڪاري وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن اشڪ آباد جي دوري دوران صدر ولاديمير پيوٽن سان پنهنجي تازي خوشگوار ڳالهه ٻولهه جو پڻ ذڪر ڪي??. ص??ر برڪس جو ميمبر بڻجڻ جي لاءِ روس پاران پاڪستان جي حمايت جي پڻ درخواست ڪئي. برڪس جو ميمبر بڻجڻ سان پاڪستان ک?? علائقائي ۽ عالمي تعاون ۾ پنهنجو ڪردار وڌائڻ ۾ مدد ملندي. ڌرين بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو، نارٿ سائوٿ ٽرانسپورٽ ڪوريڊو?? جي ذريعي علائقائي رابطن، واپاري لاڳاپن، اقتصادي تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. روس جي فيڊرل ڪائونسل جي اسپيڪر ولنٽينا متوينڪو چيو ته روس پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن ک?? ترجيح ڏي ٿو، اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. معزز مهمان ٻطرفي واپار ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪامياب ميزباني، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غيرمستقل سيٽ تي پاڪستان ک?? مبارڪباد ڏني. صدر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل سيٽ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت تي روس جا ٿورا مڃيا.
صدر سان روس جي فيڊرل ڪائونسل جي اسپيڪر جي قيادت ۾ پارلياماني وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں