اسلام آباد – 24 – آڪ??وب?? (اي پي پي) نا??ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جو سموآ جي ڳوٺ فاگالي جي ماڻهن پاران شاندار استقبال ڪيو ويو جيڪو دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب سموآ جي عورتن، ڪميونٽيز ۽ سم??جي ترقي بابت وزير مليپولا اناروسا الي موليو ۽ فاگالي ڳوٺ جي بزرگن ۽ نوجوانن فاگالي ڳوٺ ۾ نا??ب وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. ڳوٺ جي گهٽين کي پاڪستان جي قومي رنگن سائي ۽ اڇي سان سجايو ويو آهي. مقامي ڪميونٽي روايتي ساموئي ثقافت ۽ رقص جي نمائش ڪئي جيڪا پاڪستان ۽ سموآ سميت دولت مشترڪه جي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط رشتي جي علامت آهي. نا??ب وزيراعظم فاگالي ڳوٺ جي ماڻهن جي ميزباني ۽ پيار کي ساراهيندي مقامي اسڪول جي لاءِ رنگ روغن جي پئڪيج جو اعلان ڪيو.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ