اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميا??ي تبديلي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته موسميا??ي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ جٽادار زرعي طريقن جي ضرورت آهي، جيڪي عالمي غذائي تحفظ ۽ آبادي جي ڀلائي لاءِ انتهائي اهم آهن. خوراڪ جي عالمي ڏي????ن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته موسميا??ي تبديلي هڪٻئي سان جڙيل مڪينزم ذريعي غذائي تحفظ ۽ پائيدار زراعت تي ناڪاري اثر ڇڏي ٿي، هن چيو ته وڌندڙ گرمي پد، برساتن جي تبديل ٿيندڙ طريقن ۽ انتهائي موسمي حالتون زرعي پيداواري صلاحيت کي خطري ۾ وجهي رهيون آ??ن جن??ن جي نتيجي ۾ خوراڪ جون قيمتون ۽ گهٽ آمدني وارن گروهن ۾ غذائي کوٽ جي خطري ۾ اضافو ٿئي ٿو. هن خبردار ڪيو ته موسميا??ي تبديلين جي نتيجي ۾ 2050ع تائين وڌيڪ لکين ماڻهن کي بک کي منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو. رومينه خورشيد عالم موسمياتي لچڪدار زراعت جي فوري ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پاڪستان موسمياتي خطرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، ملڪ کي ٻوڏ ۽ سخت گرمي جهڙي شديد موسمي صورتحال درپيش آهي جيڪا زرعي پيداوار ۽ خوراڪ جي تحفظ کي خطري ۾ وجهي ٿي. هن چيو ته موسمياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ دوران وڌندڙ آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پوکي جي طري??ن ۾ تبديلي جي ضرورت آهي. هن چيو ته موسميا??ي تبديلي سان غربت ۽ غذائي کوٽ ۾ اضافو ٿئي ٿو جڏهن ته اها متاثر علائ??ن ۾ خوراڪ جي معيار ۽ دستيابي کي متاثر ڪري ٿي. هن مناسب غذائيت کي يقيني بڻائيندي موسمياتي اثرن کي برداشت ڪرڻ جي قابل پائيدار غذائي نظام قائم ڪرڻ لاءِ فوري قدمن تي زور ڀريو.
موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پائيدار زرعي طريقن جي ضرورت آهي: رومينه خورشيد عالم
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن