اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي وزيراعظم لي چيانگ چيو آهي ته چين پاڪستان ??ي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندي، گڏيل مستقبل ۽ ترقياتي هدفن جي لاءِ اسان جو عزم پختو آهي، گوادر علائقائي ترقي جو محور آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ ??ي تڪميل جي ورچوئل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. چين جي وزيراعظم لي چيانگ چيو ته گوادر ايئرپورٽ ??ي تڪميل تي چيني حڪومت ۽ عوام پاران مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، چيني ۽ پاڪستاني ورڪرز ان منصوبي کي پڄاڻي تائين پهچائڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، انهن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ ??ي تڪميل اهم س??گ ميل آهي. هن چيو ته گوادر علائقائي ترقي جو محور هجڻ سان گڏ ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ مضبوط دوستي جو عڪاس آهي، چين پاڪستان ??ي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، پاڪستان جي عوام جي خوشحالي اسان جي دل جي ويجهو آهي. هن چيو ته ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندي، گڏيل مستقبل ۽ ترقياتي هدفن جي لاءِ اسان جو عزم پختو آهي. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال پڻ خطاب ڪيو.
چين پاڪستان جي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندي، گڏيل مستقبل ۽ ترقياتي هدفن جي لاءِ اسان جو عزم پختو آهي، گوادر علائقائي ترقي جو محور آهي: چين جو وزيراعظم لي چيانگ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں