اسلام آباد-01 سيپٽمبر (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير جي مظلوم عوام جي حقن لاءِ عظيم ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي جرئتمندي واري جدوجهد کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا. هو ڏهاڪن تائين مزاحمت جي لاٽ بڻيل رهيو ۽ بي شمار ڪشميرين کي خوداراديت جي جدوجهد ۾ ثابت قدم رهڻ جو حوصلو ڏنو . ڪشميري عوام جي جائز مقصد لاءِ سندس اڻٿڪ محنت ۽ قربانيون اسا?? جي دل ۽ دماغ تي هميشه نقش رهنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ٽئين ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر مملڪت چي?? ته سيد علي گيلاني هڪ عظيم اڳواڻ هو ۽ ڄمون ڪشمير جي عوام کي خوداراديت وارو حق ??يارڻ لاءِ سندس ارادا تمام گهڻا مضبوط هئا. قيد سميت ٻيون ڏکيائيون سندس عزم کي ڪمزور نه ڪر ي سگهيون ۽ هو پنهنجي مشن کان پويان نه هٽيو. هن چي?? ته گيلاني صاحب هميشه پنهنجو ڌيان حتمي مقصد تي رکيو ۽ ڪڏهن به ڪشميري عوام کان سندن خوداراديت وارو حق ??يارڻ جي جدوجهد کان پويان نه هٽيو . سندس قيادت ڀارتي ظلم خلاف ثابت قدمي والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام تي گهرا نقش ڇڏيا آهن . صدر مملڪت چي?? ته اڄ اسان اهو عهد ڪيون ٿا ته سيد علي گيلاني سميت ٻين ڪشميري اڳواڻ?? جي قربانين کي ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين . اسان گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام کي خوداراديت وارو حق ??يارڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. صدر آصف علي زرداري چي?? ته مان پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي يقين ڏياريان ٿ?? ته پاڪستان سندن جائز جدوجهد لاءِ اخلاقي ، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. صدر آصف علي زرداري چي?? ته اسان کي سيد علي گيلاني جي مثالي بهادري ۽ جدوجهد مان سبق سکڻ گهرجي. هن ڌڻي در دعا ڪئي ته الله پاڪ سيد علي گيلاني تي پنهنجون رحمتون نازل فرمائي.
سيد علي گيلاني جون ڪشميري عوام لاءِ ڏنل قربانيون اسان جي دل ۽ دماغ تي هميشه نقش رهنديون : صدر مملڪت آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔