اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت واپارين ۽ سيڙپڪ??رن کي ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته وزيراعظم وفاقي وزارتن جي صلاحيت ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙڻ جي هداي?? ڪئي آهي جنهن جي سربراهي هو پاڻ ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي ۽ حڪومتي اد??رن جي صلاحيت ۾ بهتري جي حوا??ي سان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي پاران وفاقي وزارتن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي حوا??ي سان ماهرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪسنلٽنسي فرم ڪئيارني (Kearney) جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن، ڪئيارني هڪ عالمي شهرت يافته فرم آهي جنهن جا آپريشنز سڄي دنيا خاص طور تي وچ اوڀر ۾ آهن. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت واپارين ۽ سيڙپڪ??رن کي ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم سيڙپڪاري ۽ حڪومتي صلاحيت ۾ بهتري جا اهڙا منصوبا جن جي حوا??ي سان جلد نتيجا برآمد ٿيڻ جا ??مڪ??ن آهن، جي لاءِ فوري طور تي موثر قدم کڻڻ جي هداي?? ڪئي. وزيراعظم وفاقي وزارتن جي صلاحيت ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي اڳڀرائي جي حوا??ي سان اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙڻ جي هداي?? ڪئي جنهن جي سربراهي وزيراعظم پاڻ ڪندو. ڪئيارني پاران وزيراعظم کي پاڪستان حڪومت سان جاري پنهنجي مشاورتي عمل جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ڪئيارني هيستائين وفاقي حڪومت جي 15 اد??رن سان مشاورت ڪري چڪي آهي، ان مشاورتي عمل ۾ 97 ترجيحي منصوبن جي نشاندهي ڪئي وئي آه??. ب??يفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪئيارني پاڪستان حڪومت سان مشاورت ۾ پائيدار ترقي جي لاءِ منصوبابندي جي حڪمت عملي تيار ڪندي، ڪئيارني سرڪاري اد??رن جو ريگيوليٽري فريم ورڪ بهتر بڻائڻ ۽ سيڙپڪ??رن کي راغب ڪرڻ ۽ رياستي ملڪيتي اد??رن جي نجڪاري جي حوا??ي سان پاڪستان حڪومت کي معاونت فراهم ڪندي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪ?? ڪئي.
ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : bolão quina