بيجنگ – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف چين جي سرڪاري دوري جي ٻئي مرحلي ۾ چيني گادي واري شهر بيجنگ پهچي ويو. بيجنگ ڪيپيٽل انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي چين جي نا??ب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ۽ بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نا??ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ٻيا وفاقي وزير به وزيراعظم سان گڏ آهن. بيجنگ ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم چيني صدر، وزيراعظم ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس اسٽينڊنگ ??مي??ي جي چيئرمين سان جدا جدا ملاقات ڪندو. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان ڪيترين ئي مفاهمت جي يادداشتن تي پڻ صحيحون ٿينديون. وزيراعظم جون چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي منصوبن ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن س??ن ملاقاتون پڻ ٿينديون.
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری