اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گلگت بل??ستان ۾ پن بجلي جي بي پناهه صلاحيت کي ترقي جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته قدرتي وسيلن کي علائقي جي معاشي خوشحالي جي لاءِ مڪمل طور تي ترقي ڏيڻي پوندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گلگت بل??ستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ۽ وڏي وزير گلبر خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چ??و ته گلگت بل??ستان کي معدنيات ۽ جواهر??ت جهڙن بي پناهه قدرتي وسيلن سان نوازيو ويو آهي. ملاقات ۾ صدر کي گلگت بل??ستان حڪومت جي ترقياتي منصوبن بابت آگاهه ڪيو ويو. کيس گلگت بل??ستان جي عوام کي درپيش مختلف مسئلن خاص طور تي تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي گهٽتائي ۽ بيروزگاري بابت ٻڌايو ويو. گورنر ۽ وڏي وزير صدر کي گلگت بل??ستان جي دوري ۽ گلگت بل??ستان اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. صدر آصف علي زرداري گلگت بل??ستان جي نوجوانن جي تربيت ۽ هنرمندي جي لاءِ پروگرام شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته نوجوانن کي مارڪيٽ جي طلب موجب قابل قدر صلاحيتن سان ليس ڪيو وڃي. صدر چ??و ته علائقي ۾ جامع ۽ پائيدار ترقي جي فروغ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته گلگت بل??ستان جي خودڪفالت جي لاءِ مقامي ڪاروبار ۽ معاشي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. صدر چ??و ته گلگت بل??ستان ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ خطي جي تعليم ۽ صحت جي شعبي کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو.
گلگت بلتستان جي قدرتي وسيلن کي علائقي جي معاشي خوشحالي جي لاءِ مڪمل طور تي ترقي ڏيڻي پوندي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ