اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي ??نڌ?? چيو آهي ته تعليم ڪنهن به ملڪ جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪ??ي ٿي. اها ڳالهه هن بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ۾ تعليم جي موضوع تي رٿيل ٻن ڏينهن واري ڪانف??نس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تعليم واري وزير چيو ته ڊجيٽل انقلاب سکڻ جا طريقا بدلائي ڇڏيا آهن جڏهن ته تعليم لاءِ وقت ۽ جڳهه جي رڪاوٽ هاڻ ڪوبه مسئلو ناهي. هن تدريس ۽ سکڻ ۾ ٽي??نالاجي جي استعمال تي زور ڀريو. وفاقي وزير چيو ته تعليم معاشري کي مضبوط، مستحڪم ۽ خوشحال بڻائڻ جو بهترين ذريعو آهي. مدد علي ??نڌ?? جو چوڻ هو ته تعليم اسان جي قوم جي اولين ترجيح هئڻ گهرجي. هن بين الاقوامي ڪانف??نس جو بندوبست بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف ايجوڪيشن اقراء يونيورسٽي ۽ انٽرنيشنل سينٽر آف ايڪسيلينس جي سهڪار سان ڪيو. ڪانف??نس ۾ قومي ۽ عالمي اسڪالرز طرفان 50 جي لڳ ڀڳ مقالا پيش ڪيا پيا وڃن. هائر ايجوڪيشن ڪميشن ايڇ اِي سي جي پروفريسر ڊاڪٽر مختار احمد خطاب ۾ چيو ته ڪوبه ملڪ ان وقت تائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين هو تعليم ۾ سيڙپڪاري نه ڪري. هن چيو ته نوجوان قوم جي تقدير بدلڻ جي صلاحيت رکن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان گذريل سال يورپ لاءِ سڀ کان وڌيڪ اسڪالرزشپ حاصل ڪيون آهن.
تعليم ڪنهن به ملڪ جي ترقيءَ جو اهم ڪردار ادا ڪندي آهي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : بونانزا