اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ميڊيا جا جائز مطالبا حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آ??ي ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي، ميڊيا رياست جو وڏو ۽ اهم ٿنڀ آهي، ميڊي?? تنظيمن کي درپي?? مسئلن جي حل لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد، پرنسپل انفارميشن آفيسر طارق محمود خان ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر اي پي پي محمد عاصم کچي به موجود هُئا. نگران وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ اي پي اين ايس، سي پي اين اي اخباري صنعت جي مسئلن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ميڊيا جا جائز مطالبا حل ڪيا وڃن. نگران وزيراعظم چيو ته ميڊيا رياست جو وڏو ۽ اهم ٿنڀ آهي، حڪومت اظهار جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي. ميڊي?? تنظيمن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري رهندو ۽ انهن کي درپي?? مسئلن جي حل لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران ميڊيا جا جائز مطالبا حل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ