گڏيل قومون – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اسرائيل فلسطين تڪرار کي بامقصد ڳالهين واري عمل جي ذريعي حل ڪري. پاڪستان جي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اج??اس جي موقعي تي خطاب ڪندي چ??و ته والاريل علائقن ۾ لکين فلسطيني فوجي گهيراءُ ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ان اج??اس جي سربراهي سعودي عرب، عرب ليگ، مصر ۽ اردن گڏيل طور ڪئي. هن پنهنجي خطاب ۾ چ??و ته ڪي به بامعنيٰ ۽ قابل عمل ڳالهيون فلسطيني ??وام جي زندگين ۾ بهتري آڻي سگهن ٿيون. پاڪستان هڪ خودمختيار فلسطيني ??ياست قائم ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ڌر??ن جي وچ ۾ ڳاله??ن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. هن چ??و ته اها بدقسمتي آهي ته فلسطين ۾ اسرائيل جي جارحيت، فضائي حملا، بست??ن جي توسيع، فلسطين??ن جي بي دخلي ۽ بيت المقدس جي پائمالي جاري آهي. ڊگهي واري مدي واري پائيدار سياسي عمل ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ والاريل فلسطيني ??لائقي ۾ اسرائيل پاران آبادڪاري جا قدم آهن جيڪا عالمي قانون جي خلاف ورزي آهي. جليل عباس جيلاني وڌيڪ چ??و ته اسرائيل جا اهي قدم ڳاله??ن جي لاءِ سازگار ماحول کي خراب ڪري رهيا آهن. هن واضح ڪ??و ته پاڪستان جو ويزن وچ اوڀر جي سمورن ماڻهن جي لاءِ مذهب، نسل ۽ قوميت کان قطعي نظر پائيدار امن آهي.
عالمي برادري اسرائيل فلسطين تڪرار کي بامقصد ڳالهين واري عمل جي ذريعي حل ڪري: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : apostas quina