اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کي 12 آگسٽ تائين نگران وزيراعظم ??و نالو ڏيڻ جو چئي ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ تحليل ٿيل قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض احمد کي خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 224 هڪ اي تحت صدر وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي مشوري سان نگران وزيراعظم ??ي مقرري ڪري ٿو، آئين تحت وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کي قومي اسيمبلي جي تحليل جي 3 ڏينهن جي اندر نگران وزيراعظم ??و نالو تجويز ڪرڻو هوندو آهي. صدر چيو ته مون وزيراعظم ??ي ايڊوائيس منظور ڪئي ??نهن جي نتيجي ۾ 9 آگسٽ تي قومي اسيمبلي تحليل ڪئي وئي. وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ 12 آگسٽ تائين موزون نگران وزيراعظم ??و نالو تجويز ڪن.
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II