ڪراچي-06 آگسٽ (اي پي پي) سڌسماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جو ??وام تعمير، تخريب ۽ سا??ش ۾ فرق ڄاڻي ٿو، مهانگائي جو پيٽرول بم پي ٽي آءِ ڪيرائي وئي، پيٽرول بم ڦاڙي پوليس وارن جا مٿا به انهن ڦاڙيا، اها ئي ان جي چئن سالن جي ڪارڪردگي آهي، گذريل چار سال صحافين ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي لڳيون، پريس ڪلب واحد جڳهه هئي جنهن آزادي سان اسان کي پنهنجي ڳالهه ٻين تائين پهچائڻ جو موقعو ڏنو، پيمرا آرڊيننس 2002ع ڊڪٽيٽر جو ??يار ڪيل ڪارو قانون آهي، 12 مهينن جي ڊگهي مشاورت کانپوءِ پيمرا ترميمي بل 2023ع تيار ڪيو، هي ميڊيل جو ??ل آهي، جيستائين ان تي هڪ اعتراض به آهي ۽ اهو ختم نه ٿي وڃي قانونسازي نه ٿيندي، ڊجيٽل آدمشماري جي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اتفاق راءِ سان منظور ڏني وئي، پوري دنيا ۾ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ نظام موجود آهي، ايس آءِ ايف سي جو مقصد سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ ون ونڊو رسائي فراهم ڪرڻ آهي، نگران وزيراعظم جي مقرري وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي آئيني ذميواري آهي ان تي مشاورت جاري آهي، ريل حادثي تي افسوس آهي، واقعي واري هنڌ امدادي سرگرميون جاري آهن. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن ڪراچي پريس ڪلب جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪراچي پريس ڪلب جي اهميت کان سڀ واقف آهن، گذريل چار سال جڏهن صحافين ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي بندش هئي ته پريس ڪلب واحد جاءِ هئي جتي هڪ فون تي پريس ڪانفرنس جو ??نتظام ٿي ويندو هو، پريس ڪلب هميشه اسان کي آزادي سان پنهنجي ڳالهه ٻين تائين پهچائڻ جو موقعو ڏنو، وفاقي وزير چيو ته نواب شاهه ويجهو ريل کي حادثو پيش آيو پوري قوم ان حادثي تي ڏکويل آهي، حادثي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن لاءِ صبر لاءِ دعاڳو آهيون، هن چيو ته ريلوي واري وفاقي وزير حادثي جي باري ۾ تفصيلي پريس ڪانفرنس ڪئي آهي، واقعي واري هنڌ تي رليف آپريشن جاري آهي، سمورن ادارن کي رليف آپريشن جي هدايت ڪئي آهي، هن چيو ته حادثي جي جاچ به شروع ڪري ڇڏي آهي،ريلوي واري وزير چيو ته هن حادثي جي جاچ پبلڪ ڪئي ويندي، صحافين جي سوالن جي جواب تي مريم اورنگزيب چيو ته گذريل چئن سالن واري دور ۾ عالمي صحافتي تنظيم اڳوڻي وزيراعظم کي ميڊيا پريڊيٽر جو ??طاب ڏنو، ان اداري اسان جي موجوده دور ۾ پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي درجا بندي ۾ 7 پوائنٽس جي بهتري ظاهر ڪئي، هن چيو ته اڳوڻي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جو گلو گهٽي، صحافين ۽ سياسي مخالفن جي آواز کي بند ڪيو، هڪ سوال تي هن چيو ته پيمرا آرڊيننس 2002ع هڪ ڊڪٽيٽر جو ??يار ڪيل قانون آهي، پيمرا ترمييم بل 2023ع جي تياري لاءِ 12 مهينن جي ڊگهي مشاورت جو ??لسلو جاري رهيو، مون هميشه تنقيد کي وڏي دل سان قبول ڪيو آهي، هن چيو ته 12 مهينن جي مشاورت کانپوءِ تيار ٿيل پيمرا ترميمي بل هن وقت سينيٽ جي سڌ سماءَ واري اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بحث هيٺ آهي، وفاقي وزيرچيو ته هي ميڊيا جو ??ل آهي، جيستائين ان تي اعتراض ختم نٿا ٿين ان تي قانونسازي نه ٿيندي، آدمشماري جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو ??جلاس گذريل ڏينهن وزيراعظم جي صدارت هيٺ منقعد ٿيو، هن چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ڊجيٽل آدمشماري جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي، هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته اسان وٽ 2 آپشنز آهن، هڪ آپشن هي آهي ته ڪستو کڻي قرض گهرندا رهون ٻيو آپشن پوري دنيا وانگر سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ آهي، هن چيو ته مقامي سطح تي سيڙپڪاري ۾ ڪا به منع نه آهي، هن چيو ته پوري دنيا ۾ سڌي ريت سيڙپڪاري لاءِ نظام موجود آهي، وزيراعظم ايس آءِ ايف سي تحت سمورن ادارن کي گڏ ڪيو آهي، هي پروپيگنڊا آهي ته ايس آءِ ايف سي تحت زمينون حوالي ڪيون پيون وڃن، هن چيو ته ايس آءِ ايف سي بابت پنج سيڪٽرن اندر سيڙپڪاري جي عمل کي ڊجيٽل پورٽل تي وڌو پيو وڃي، هي جنرل پبلڪ پورٽل هوندو، ان ذريعي سمورا خدشا ختم ٿي ويندا. هن چيو ته سمورا صوبا ۽ وزارتون ايس آءِ ايف سي اندر موجود آهن، هي ڪا اهڙي شيءَ ناهي جيڪا ڪنهن حوالي ڪئي وئي آهي، هي پوري پراسيس ۽ پلاننگ سان قائم ڪئي وئي آهي ته جيئن سيڙپڪارن کي ون ونڊو رسائي فراهم ڪري سگهجي، هن چيو ته جيڪڏهن وسيلا صحيح استعمال ٿين ته بي پناهه فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. وفاقي وزير چيو ته قطر، سعودي عرب، يو اي اي، ايران، عراق، اولهندي ملڪن ۾ اهو ئي طريقيڪار استعمال ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ايس آءِ ايف سي جو مقصد سڌي ريت سيڙپڪاري لاءِ ون ونڊو رسائي فراهم ڪرڻ آهي، وفاقي وزير ٻڌايو ته ايس آءِ ايف سي تحت موثر ون ونڊو جو ??صور ڏئي پنج سيڪٽرز اندر انويسمينٽ جو ??ندوبست ڪيو پيو وڃي، اهو ئي طريقو آهي جنهن ذريعي قرضن جي ڀاڙڻ گهٽ ٿيندو، معاشي استحڪام ايندو ۽ اسان پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻي پنهنجي مرضي موجب پاڪستان جي عوام کي رليف ڏئي سگهنداسين، نگران وزيراعظم جي مقرري جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته نگران وزيراعظم جي مقرري وزيراعظم پاڪستان ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي آئيني ذميواري آهي، ان حوالي سان مشاورت جاري آهي، انشاءُ الله جيڪو به فيصلو ٿيندو پاڪستان جي عوام جي سامهون اعلان هوندو، هن چيو ته آدمشماري ڪرائڻ قومي فرض هو، سمورا صوبا ان تي متفق هئا ۽ ان جو ??علان ڪرڻ چاهي ٿي، گذريل ڏينهن سمورن صوبن وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڊجيٽل آدمشماري جي متفقه منظوري ڏني، هن چيو ته 9 آگسٽ تي اسان جي حڪومت پنهنجو ??ئيني مدو پورو ڪندي، اسيمبليون ختم ٿيڻ جي سمري صدر ڏانهن اماڻي ويندي، ان موجب ٽن مهينن ۾ چونڊون ٿيڻيون آهن، چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، ان پنهنجي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جو ??سلسل ضروري آهي، نواز ش??يف جي حُوالي سان سوال تي هن چيو ته هي اهو نالو آهي جنهن پاڪستان جي دفاع کي اڻمٽ بڻايو، ملڪ اندر موٽرويز ۽ روڊن جو ڄار وڇايو، 14 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي، سي پيڪ جا منصوبا آندا، دهشتگردي جو ??اتمو ڪيو، نواز ش??يف سدائين ملڪ جي خدمت ڪئي آهي، جمهوريت کي هٿي ڏني آهي، هن چيو ته پاڪستان جي عوام تعمير، تخريب ۽ سا??ش ۾ فرق ڄاڻي ٿو، هن چيو ته محمد نواز ش??يف جي اڳواڻي ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) ايندڙ چونڊن ۾ پاڪستان جي عوام وٽ ويندي، گوادر بندرگاهه جي حوالي سان سوال تي سڌ سماءُ واري وفاقي وزير چيو ته گوادر پاڪستان جو ??هومر آهي، پاڪستان جو معاشي دارومدار بندرگاهن تي آهي، محمد نواز ش??يف 2014ع ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي شروعات ڪئي، شروعات گوادر کان ڪئي، گذريل چئن سالن ۾ سي پيڪ جي منصوبن کي منجمند ڪيو ويو ۽ تڪراري بڻايو ويو، اسان اقتدار ۾ اچي 15 مهينن ۾ انهن منصوبن کي ٻيهر شروع ڪيو. هن چيو ته انشاءُ الله ترقي جا منصوبا اهڙي طرح جاري رهندا. پاڪستان جي عوام اسان تي اعتماد ڪيو ته ترقي جو ??فر اتان کان ٻيهر شروع ڪنداسين، وفاقي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته زمان پارڪ ۾ پهريون ڀيرو پيٽرول بم جو نالو ٻڌو، پيٽرول بم زمان پارڪ ۾ ٺهيا، پوليس وارن جا مٿا ڦاڙيا ويا، رينجرز جي گاڏين کي باهيون ڏنيون ويون، هن چيو ته 9 مئي تي حساس ٺڪاڻن، اسپتالن، اسڪولن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملا ڪيا ويا. هن چيو ته انهن واقعن جو ماسٽر مائينڊ عمران خان هو، هن چيو ته عمران خان مارچ 2022ع ۾ پنهنجي صحيح سان آءِ ايم ايف جي پروگرام جي خلاف ورزي ڪئي، هن چيو ته نواز ش??يف پنهنجي دور ۾ آءِ ايم ايف جو پروگرام مڪمل ڪيو هو، مهانگائي جي شرح گهٽ ترين هئي، 6.1 سيڪڙو جي شرح سان ملڪ ترقي ڪري رهيو هو ته پوءِ ڇو پي ٽي آءِ آءِ ايم ايف وٽ وئي، ان لاءِ ته هنن معيشت کي تباهه ڪيو، جيستائين بي اعتمادي جي رٿ ذريعي پنهنجو ??قتدار ويندي ڏٺو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پيٽرول جون قيمتون ڪيرائي پنهنجي ئي صحيح سان ڪيل آءِ ايم ايف پروگرام جي خلاف ورزي ڪئي، هن چيو ته مهانگائي جو پيٽرول بم پي ٽي آءِ ڪيرائي وئي، پيٽرول بم ڦاڙي پوليس وارن جا مٿا به انهن ئي ڦاڙيا اهي سموريون شيون انهي ڏانهن وڃن ٿيون ۽ اها ئي ان جي چئن سالن جي ڪارڪردگي آهي.
عوام تعمير، تخريب ۽ سازش ۾ فرق ڄاڻي ٿو، مهانگائي جو پيٽرول بم پي ٽي آءِ ڪيرائي وئي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا