اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جاپاني حڪومت جي دعوت تي پهرين جولاءِ کان 4 جولاءِ تائين جاپان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير جو دورو جاپان سان گهڻي وقفي کانپوءِ قيادت جي سطح تي رابطن جي بحالي جو اشار?? ڏي ٿو. پرڏيهي وزير دوري دوران پ??هن??ي جاپاني هم منصب يوشيما س??حياشي سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. پرڏيهي وزير جاپان جي وزيراعظم فوميو ڪيشيدا س??ن پڻ ملاقات ڪندو. هو جاپان جي قومي سلامتي جي صلاحڪار ٽيڪيو اڪيبا س??ن پڻ ملاقات ڪندو. پرڏيهي وزير ايشيائ?? ترقياتي بئنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ خطاب ڪندو جيڪا جاپان جي هڪ مشهور ٿنڪ ٽينڪ آهي. پاڪستان ۽ جاپان جا ڊگهي عرصي کان لاڳاپا قا??م آهن جن جي خصوصيت گرمجوشي، دوستي ۽ مسئلن تي هڪ جهڙا خيال آهي. پرڏيهي وزير جي جاپان ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي درآمد بابت ناليوارن بزنس هائوسز ۽ ادارن جي نمائندگي ڪندڙ سينيئر عملدارن ۽ ايگزيڪيوٽوز سان ڳالهه ٻولهه پڻ متوقع آهي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جاپاني حڪومت جي دعوت تي پهرين جولاءِ کان 4 جولاءِ تائين جاپان جو دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد