اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريلوي مين لائين و?? جي اپ گريڊيشن جو ڪم ترجيحي بنيادن تي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته (ايم ايل – 1) پاڪستان ريلوي جي نظام جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، پاڪستان مستقبل ۾ پنهنجي ريلوي نظام ۽ بندرگاه?? جي ذريعي خطي جي ٻين ملڪ?? جي لاءِ اهم واپاري لنگهه فراهم ڪندو، پاڪستان ريلوي جي بحالي لاءِ ح??وم?? ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ريلويز ۾ سڌارن ۽ مين لائين و?? جي اپ گريڊيشن تي جا??زه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، سيد نويد قمر، خواجه سعد رفيق ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ريلوي ۾ جا??ي سڌارن ۽ ڊيجيٽلائيزيش?? جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ ريلوي هنگامي بنيادن تي پنهنجي آپريشنز کي بحال ڪيو. هن وقت ريلوي جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم جا??ي آهي. ان کانسواءِ ريلوي ٽڪيٽنگ جي نظام کي پڻ مڪمل طور تي ڊيجيٽلائيز ڪيو ويو آهي. اجلاس کي مين لائين ون (ايم ايل – 1) اپ گريڊيشن منصوبي تي اڳڀرائي خاص طور تي منصوبي جي مختلف آ??شنز ۽ مرحل?? جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مستقبل ۾ پنهنجي ريلوي نظام ۽ بندرگاه?? جي ذريعي خطي جي ٻين ملڪ?? جي لاءِ اهم واپاري لنگهه فراهم ڪندو، پاڪستان ريلوي جي بحالي لاءِ ح??وم?? ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ٺاهيل موٽرويز، پبلڪ ٽرانسپورٽ، صحت ۽ تعليم جي منصوبن مان عوام فائدو کڻي رهي آهي، پاڪستان ريلويز جي ٽيم جون ٻوڏ کانپوءِ پنهنجي آپريشنز جي فوري بحالي جي لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
ايم ايل – ون پاڪستان ريلوي جي نظام جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب