اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جو مصر جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، موسمياتي تبديلين جي تباهي آڻيندڙ اثرن جي حوالي سان ڪوپ – 27 ڪانفرنس پاڪستان ج?? لاءِ وڏي نتيجاخيز رهي، پهريون ڀيرو موسمياتي تبديلي جي ڪري نقصانن ۽ تباهي کي اسرندڙ ملڪن جي مالياتي دٻاءُ ۾ اضافي جو سبب تسليم ڪيو ويو، پهريون ڀيرو اسرندڙ ملڪن جي نقصانن جي ازال?? لاءِ مالي وسيلن جي فراهمي تي عالمي اتفاق راءِ ٿيو آهي، هڪ طر?? عوامي خدمت جاري آهي ۽ ٻئي طر?? هڪ شخص انتشار، فساد، جلاءُ گهيراءُ ۽ فتني ۾ مصروف آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هڪ طر?? اهو شخص آهي جيڪو جڏهن کان اقتدار ۾ آيو، ملڪ ۽ عوام جي خدمت ۾ مصروف آهي ۽ ٻئي طر?? اهو ڪردار آهي جيڪو جڏهن کان سياست ۾ آيو، تباهي، بربادي، انتشار ۽ خلفشار ۾ مصروف آه??. ه?? چيو ته هڪ شخص ٻوڏ متاثرين کي سرديءَ، بيمارين، بک ۽ بيماري کان بچائڻ جي جدوجهد ڪري رهيو آهي ۽ ٻئي طر?? اهو فسادي فتنو آهي جيڪو رستا بند ڪري بيمار ٻارن ۽ ايمبولينسز کي اسپتال پهچ?? ۾ ??ڪاوٽ بڻيل آهي. مريم اورنگزيب چيو ته هڪ شخص پاڪستان جي معيشت کي تباهي جي ڪناري تان واپس آندو ۽ معاشي بنيادن کي مضبوط ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻئي طر?? ڌرڻن، باهه لڳايو، ماريو، مري وڃو، جلاءُ گهيراءُ جو ماسٽر مائنڊ آهي جيڪو اقتدار جي هوس ۾ هر اداري، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن تي حملي آور آه??. ه?? چيو ته هڪ شخص سفارت?? لاڳاپن، دوست م??ڪن سان تعاون جي تجديد ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي عالمي وقار کي بحال ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻئي طر?? سازشي بيانيو ٺاهيندڙ مڪار، فريبي ۽ جعلساز آهي جنهن اقتدار ج?? لاءِ قومي مفادن کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف جو مصر جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو: وفاقي وزير مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : ریل رش