لاهور – 28 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سينيٽ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست مخالف ڌر جو مقدر ??ڻي، نام نهاد اڪثريت باوجود مخالف ڌر بل روڪڻ ۾ ناڪام رهي، يوسف رضا گيلاني جو ٿورو ادا جُون مهربانيُون آهن جنهن بل جي ??نظوري ۾ ساٿ ڏنو، ن ليگ ۾ قيادت جي ??يڙهه آهي، مولانا فضل الرحمان فارغ آهي، ڪڏهن هو پيپلزپارٽي ۽ ڪڏهن ن ليگ سان گڏ هوندو آهي، ثابت ٿي ويو آهي ته عمران خان جي آڏو اهي سياسي پارٽيون ڍير ٿي چڪيون آهن، نواز شريف اچي نه رهيو آهي ان کي آندو پيو وڃي، شاهد خاقان عباسي ۽ ڪجهه دوست نواز شريف جي خلاف عدم اعتماد آڻڻ جو ارادو رکن ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته سينيٽ مان بل جي ??نظوري کانپوءِ آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ٿي چڪيون آهن، بل جي ??نظوري کانپوءِ پاڪستان جي ??عيشت ۾ استحڪام ايندو. روپئي جو قدر مستحق ٿيندو، هن چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي کانپوءِ ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ٿي ويندي آهي، جيڪي ادارا پاڪستان سان ڏي وٺ ڪندا آهن انهن کي استحڪام ملي ٿو، هن چيو ته اڄ هن بل جي ??نظوري سان مخالف ڌر کي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، جيڪا مخالف ڌر قومي اسيمبلي ۾ عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ جو خواب ڏسي رهي هئي انهي کي خبر پئجي ??ئي آهي ته هنن جو خواب هن ايوان ۾ پورو نه ٿيو، جتي انهن کي نام نهاد اڪثريت حاصل آهي. هن چيو ته سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڪثريت جي باوجود بل روڪڻ ۾ ناڪام رهي، چوڌري فواد حسين چيو ته ميڊيا مخالف ڌر کي لفٽ ناهي ڪرائيندي ته انهن وٽ ڪا اسڪيم موجود نه آهي جنهن تي اهي سياست ڪري سگهن، هن چيو ته اڄ جي شڪست مخالف ڌر جي سياسي ناڪاره پڻي تي مهر لڳائي ڇڏي آهي ان بري شڪست کانپوءِ مخالف ڌر ڪجهه ڏينهن تائين سڪون ۾ هوندي، هن چيو ته مخالف ڌر وڻ وڻ جي ڪاٺي آهي، ن ليگ ۾ ليڊرشپ جي ??يڙهه آهي، پيپلزپارٽي ۾ ڪنهن کي خبر ناهي ته ڪنهن کي ڪهڙي ڳالهه ڪرڻي آهي، مولانا فضل الرحمان فارغ آهي، ڪڏهن هو پيپلزپارٽي ۽ ڪڏهن ن ليگ سان گڏ هوندو آهي، هو حلوو ۽ پنهنجو چورن وڪرو ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي، هن چيو ته مخالف ڌر جي ??اڪاره حڪمت عملي جي ??تيجي ۾ هڪ ٻي شڪست انهن جو مقدر ??ڻي، پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي برتري سيينيٽ ۾ ثابت ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته اڄ ثابت ٿي ويو آهي ته عمران خان جي اڳيان اهي سياسي پارٽيون ڍير ٿي چڪيون آهن، هن بل جي ??نظوري تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته ان بل جي ??نظوري کانپوءِ اسٽيٽ بئنڪ آزاد ادارو ٿيندو، ان جو هڪ طاقتور بورڊ هوندو، جيڪو پاڪستان جي ??عيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جو لاهور اچڻ جو بنيادي مقصد ٻن وڏن منصوبن سي بي ڊي ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي منصوبن جو دورو ڪرڻ هو، هن چيو ته سي بي ڊي پراجيڪٽ لاهور جي ??چ ۾ آهي، جيڪو والٽن روڊ کان شروع ٿي والٽن ايئرپورٽ تائين آهي، ان منصوبي ۾ هن وقت تائين 24 ارب ر??پي?? کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ٿي چڪي آهي، سي بي ڊي منصوبي ۾ بلند عمارتون تعمير ٿينديون، لاهور جو پورو منظرنامو تبديل ٿي ويندو، هن چيو ته راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي منصوبي تي هاءِ ڪورٽ خدشن جو اظهار ڪيو آهي، حڪومت کي حق حاصل آهي ته هو نوان شهر آباد ڪري سگهي، اها ايڪوزيشن ڪنهن هائوسنگ سوسائٽي لاءِ نه پر نوان شهر ٺاهڻ لاءِ آهي، هن چيو ته پاليسي سازي ايگزيڪيوٽز ۽ پارليامينٽ جو اختيار آهي، پارليامينٽ جو اختيار پارليامينٽ وٽ ۽ ايگزيڪيٽو جو اختيار ايگزيڪيٽو وٽ هجڻ گهرجي، پنجاب حڪومت هاءِ ڪورٽ جي ??يصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته لاهور ۽ شيخو پوره جي ??چ ۾ هڪ لک 2 ايڪڙن تي اهو عظيم شهر ٺهي رهيو آهي ان منصوبي سان وچ پنجاب کي فائدو ٿيندو، اربين ڊالر جي ??اهرين سيڙپڪاري ملڪ ۾ ايندي، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته اهو منصوبو وقت سر مڪمل ٿئي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نئين پاڪستان جو خواب شخصيتن تي ٻڌل نه آهي پر انهن خوابن تي آهي جيڪي پاڪستان جي ??اڻهن ڏٺا آهن، پاڪستان جي ??اڻهن عمران خان کي انهن خوابن جي تعمير لاءِ چونڊيو آهي، اهي خواب ۽ لائحه عمل شخصيتن کان وڌيڪ آهي، هن چيو ته عمران خان جي ??يادت ۾ نئين پاڪستان جو خواب ضرور پورو ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اهڙي حڪومت ۽ وزيراعظم آهي جنهن تي ڪو به ڪرپشن جو الزام نه آهي، اهڙي حڪومت اقتدار ۾ آهي جنهن ملڪ کي پنهنجي ??يرن تي بيهاريو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته يوسف رضا گيلاني جو ٿورو ادا ڪريان ٿو هن بل جي ??نظوري ۾ ساٿ ڏنو. هن چيو ته مخالف ڌر جي ڪا خبر نه آهي اها هڪ ڏينهن ڪجهه چوندي آهي ته ٻي ڏينهن ڪجهه، ان ڳالهه جي ??ڪر آهي ته پاڻ ۾ وڙهي ڪري هڪٻئي جا ڪپڙا نه ڦاڙين، هڪ سوال تي اطلاعات واري وزير چيو ته نواز شريف واپس نه اچي رهيو آهي پر ان کي آندو پيو وڃي، لنڊن ۾ ڪو به ريسٽورنٽ اهڙو نه آهي جتي هو نه ويو هجي، نواز شريف جون ٻئي اپيلو رد ٿي ويون آهن، هاڻي ان کي لڳي رهيو آهي ته هتان جون عدالتون ڊگهو عرصو ان کي سهارو نه ڏينديون، ان لاءِ اهڙي ڳالهه ٻولهه شروع ڪرڻ جي ڪوشش ??ئي وئي ته هو پاڻ اچي رهيو آهي، پر سچ اهو آهي ته هو پاڻ نه اچي رهيو آهي پر کيس آندو پيو وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته مسلم ليگ ق اسان جي اتحادي پارٽي آهي ق ليگ جي دوستن جي خيالن جو احترام ڪريون ٿا، هڪ ٻي سوال تي هن چيو ته شاهد خاقان عباسي ۽ ڪجهه دوست نواز شريف جي خلاف عدم اعتماد آڻڻ جو ارادو رکن ٿا.
سينيٽ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست مخالف ڌر جو مقدر بڻي، نام نهاد اڪثريت باوجود مخالف ڌر بل روڪڻ ۾ ناڪام رهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب