اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بدقسمتي سان ڀارت تي هڪ اهڙي حڪومت مڙهيل آهي جنهن کي عالمي ذميوارين جو ادراڪ نه آهي، نريندر مودي ??ٽل?? جي نظريي تي ڪاربند آهي، هو ڀارت ۾ هندوتوا نظريو مڙهڻ چاهي ٿو، مودي حڪومت جي غيرذميواراڻي، غيرقانوني ۽ جابراڻي پاليسين جي ڪري اڄ خطو ڪيترن ئي موقعن کان محروم آهي، ڪشمير تڪرار جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل ئي خطي ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جو وا??د رستو آهي. ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موق??ي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ ڪشميري عوام اڄ ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، پوري پاڪستاني قوم ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي، اسان کي پڪو يقين آهي ته ڪشميري عوام ڀارت جي ڏاڍ ۽ ناجائز قبضي جي خلاف ان جرئتمنداڻي جدوجهد ۾ سرخرو ٿيندي. هن چيو ته اسان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته نريندر مودي ??ٽل?? جي نظريي تي ڪاربند آهي، هو ڀارت ۾ هندوتوا نظريو مڙهڻ چاهي ٿو، مودي حڪومت جي غيرذميواراڻي، غيرقانوني ۽ جارحاڻي پاليسين جي ڪري اڄ خطو ڪيترن ئي موقعن کان محروم آهي، بدقسمتي سان ڀارت ۾ هڪ اهڙي حڪومت قائم آهي جنهن کي عالمي ذميوارين جو ادراڪ نه آهي، اهي انتهاپسند ماڻهو آهن ۽ آر ايس ايس جي فلسفي جي تمام ويجهو آهن. هن چيو ته ڪشمير تڪرار جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل ئي خطي ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جو وا??د رستو آهي.
بدقسمتي سان ڀارت تي هڪ اهڙي حڪومت مڙهيل آهي جنهن کي عالمي ذميوارين جو ادراڪ نه آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا