اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معذور ماڻهن جو خصوصي خيال رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري جي ذميداري آهي ته انهن جي لاءِ خصوصي ڪوششون ڪري ۽ انهن کي سهولتون فراهم ڪري، کين معاشري جو مفيد شهري بڻ??ئڻ لاءِ تعليم ۽ ملازمتن ۾ ٻين شهرين جي برابر ۽ سازگار موقعا فراهم ڪيا وڃن، معذور ماڻهن کي مالي طور تي خودمختيار بڻ??ئڻ ۽ پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ هنر ۽ ترب??ت فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، احساس پروگرام ۾ 4 لک خصو??ي ماڻهن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصو??ي ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ايوان صدر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو موضوع ڪورونا وائرس جي وبا کانپوءِ دنيا ۾ معذور ماڻهن جي شموليت، رسائي ۽ پائيداريت جي حوالي سان قيادت ۽ حصيداري هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خصوصي ٻارن جي حوالي سان اسان کي پنهنجي ذميدارين کي سمجهڻو پوندو، خصوصي ٻارن کي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، خصو??ي ماڻهن جا چار قسم آهن، انهن ۾ ٻڌڻ، ڏسڻ، عام جسماني معذوري ۽ ذهني معذوري شامل آهن، ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ عام جسماني معذور ماڻهو ٻين شهرين جي برابر ذهين هوندا آهن، هن چيو ته خصو??ي ماڻهن جي معاملن تي معاشري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي، معاشري جي ذميداري آهي ته ان جي لاءِ خصوصي ڪوششون ڪري ۽ انهن کي سهولتون فراهم ڪري. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ 10 کان 12 سيڪڙو ماڻهو خصوصي هوندا آهن، هن چيو ته بازارن ۽ عوامي هنڌن تي خصو??ي ماڻهن جي لاءِ ريمپ ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، هر جڳهه تي خصو??ي ماڻهن لاءِ ريمپ بڻ??ئڻ گهرجن، هاڻي هر عمارت ۾ ريمپ لازمي ٺاهڻا پوندا، اسلام آباد ۾ سي ڊي اي بازارن ۾ خصو??ي ماڻهن جي لاءِ ريمپ ٺاهيا آهن، صدر چيو ته جيڪي خصو??ي ماڻهو تعليم حاصل نٿا ڪريس گهن انهن سکيا فراهم ڪئي پئي وڃي، استادن کي خصوصي ٻارن جي تعليم جي حوالي سان ترب??ت فراهم ڪرڻ گهرجي. خصوصي ٻارن کي تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺڻ ??ان نٿو روڪي سگهجي، هر اسڪول ۾ خصوصي ٻارن جي لاءِ استاد موجود هجڻ گهرجن، هن چيو ته ڪراچي ۾ ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهو ريسٽورينٽ هلائي رهيا آهن، اين جي اوز خصو??ي ماڻهن کي ترب??ت فراهم ڪري، هن چيو ته خصو??ي ماڻهن کي نوڪرين جا موقعا به فراهم ڪرڻ گهرجن. صدر چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر خصو??ي ماڻهن جي لاءِ خصوصي قدم کنيا، بئنڪن ۾ خصو??ي ماڻهن جي لاءِ ريمپ ٺاهيا ويا آهن ۽ خصوصي ڪائونٽر به قائم ڪيا ويا آهن، هن چيو ته احساس پروگرام ۾ 4 لک خصو??ي ماڻهن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي ۽ کين 2 هزار روپيا ماهوار وظيفو ڏنو پيو وڃي، معذور ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ معاشري جو مفيد شهري بڻ??ئڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي. هن چيو ته نئين آدم شماري سان معذور ماڻهن جا درست انگ اکر سامهون ايندا ۽ ان سان بهتر پاليسي سازي ۾ مدد ملندي. انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اهو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد خصو??ي ماڻهن جي حقن کي اجاگر ڪرڻ ۽ کين حقن جي فراهمي طرف دنيا ۽ حڪومتن جو ڌيان ڇڪرائڻ آهي، حڪومتن جي ذميداري آهي ته هو خصو??ي ماڻهن کي برابر موقعا ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم ۽ قانون سازي ڪن، موجوده حڪومت خصو??ي ماڻهن کي انهن جا حق ڏيڻ لاءِ قانوسازي ڪئي آهي، انهن جي لاءِ نوڪرين ۾ ڪوٽا مختص آهي، جيڪي ادارا ان ڪوٽا تي عمل نه ڪري رهيا آهن انهن جي فهرست جوڙي ورتي آهي، خصو??ي ماڻهن جي لاءِ نوڪرين ۾ ڪوٽا وڌايو وڃي،هن چيو ته انساني حقن واري وزارت خصو??ي ماڻهن جي معلومات تائين پهچ ۽ سهولت لاءِ موبائيل ايپ جاري ڪئي آهي جنهن جي ذريعي هو آن لائين درخواستون ڏئي سگهن ٿا، ون ونڊو آپريشن جي لاءِ چڪ شهزاد ۾ ون ونڊو آپريشن سينٽر قائم ڪيو ويو آهي اسلام آباد جي سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪولن ۾ خصو??ي ماڻهن جي تعليم جي حوالي سان تعليم واري وفاقي وزارت سان معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن، خصو??ي ماڻهن جي خلاف سائزبر ڪرائيم ۽ گهريلو تشدد جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، خصو??ي ماڻهن کي عام شهرين جي برابر حقن جي فراهمي يقيني بڻ??ئڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، سي بي ايم جي ڪنٽري ڊائريڪٽر سيد محمد علي شاهه چيو ته معاشري جي ذميداري آهي ته خصو??ي ماڻهن جي سمورن شعبن ۾ برابر شرڪت يقيني بڻ??ئي.
معذور ماڻهن جو خصوصي خيال رکڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia