اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ڪرغستان جي سفير توتايو والانبڪ اسان ڪولووڪ ملاقات ڪئي جن??ن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان ڪرغستان سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ مذهب، ٻڌي ۽ ثقافت جي لازوال رشتن ۾ ٻڌل آهن، اسان ڪرغستان سان پارلياماني ۽ اقتصادي ر??بط?? کي فروغ ڏئي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌ??ڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي پارل??ام??نٽ ۾ ر??بط?? جو فروغ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، چين پاڪستان اقتصادي راهداري خطي ۾ اقتصادي سرگرمين جو مرڪز ثابت ٿيندي. هن چيو ته خطي جي ملڪن ۾ ويجها رابطا ۽ حصيداري خطي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي، پاڪستان خطي جي ملڪن ۾ ويجهي ر??بط?? کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، هن جو چوڻ هو ته چين ۽ پاڪستان سان ويجهو هجڻ جي ڪري ڪرغستان وچ ايشيائي رياستن ۽ ان کان ٻاهر گيٽ وي جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ڪرغستان جي سفير چيو ته سندس ملڪ جا پاڪستان سان ڀائراڻا ۽ دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، ڪرغستان پاڪستان سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پارل??ام??نٽ جا ميمبر ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ڪرغستان جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت