ڪراچي – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته سامونڊي آ??ودگي ۾ گهٽتائي بحري شعبي جي پائيداري لاءِ ضروري آ??ي ۽ پاڪستان ان حوالي سان موثر ڪوششون ڪري رهيو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ورلڊ ميري ٽائيم ڊي جي موقعي تي منعقد سيمينار کي اسلام آباد مان وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو ا??تم??م ميري ٽائيم معاملن جي وزارت مقامي هوٽل ۾ ڪيو هو، صدر چي?? ته پاڪستان سامونڊي وسيلن سان مالا مال آهي ان جون بندرگاهون ۽ شپ يارڊ قومي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهي وڏو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.
صدر چي?? ته بحري معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي پاڪستان جي سامونڊي حدن ۽ ساحلي علائقن مان آلودگي جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي جنهن جي ڪري ماهيگيري جي شعبي ۾ بهتري اچي رهي آ??ي.
ان موقعي تي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل خطاب ڪندي چي?? ته ميري ٽائيم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع امڪان آهن پر بدقسمتي سان سيڙپڪار ان شعبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ متوجهه نه آهن.
وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي چي?? ته ڪيترائي شعبا بليو اڪانومي سان ڳنڍيل آهن، اسان ماهيگرن جي ترقي لاءِ هڪ ڪامياب ماهيگير پروگرام شروع ڪيو آهي، انهن کي آسان قسطن ۾ قرض فراهم ڪرڻ گهرجي.