اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ طئي ڪيو ويو آهي ته هڪٻئي جي پارلياماني اڳواڻن جو احترام ڪيو ويندو انهن جي تقريرن ۾ غير قانوني طريقي سان مداخلت نه ڪئي ويندي، رولز جو احترام نه ڪرڻ، ايوان ۾ اُلرون ڪرڻ تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ج??هن ته 10 جون تي قو??ي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ قانونسازي تي مخالف ڌر جي خدشن کي سامهون رکندي 12 رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ مخالف ڌر جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان س??ري جي خلاف عدم اعتماد واري رٿ واپس ورتي و??ي آهي، قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته گذريل ٻن ڏينهن دوران ايوان ۾ پيش آيل اڻوڻندڙ واقعن کانپوءِ حڪومت مخالف ڌر سان رابطو ڪيو جنهن کانپوءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ان ۾ مخالف ڌر پاران اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته قانونسازي آئيني گهرجون پوريون ڪندي قانون موجب ڪئي و??ي آهي، جنهن تي ان جي جائزي لاءِ 12 رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪو انهن اعتراضن جو جائزو وٺندي ان ڪميٽي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر کان 6، 6 ميمبر شامل ٿيندا ان کانسواءِ اها ڪميٽي قانوني طريقيڪار تي به غور ڪندي، ج??هن ته مخالف ڌر انهن بلن تي غور لاءِ ڪميٽي جي قيام کانپوءِ عدم اعتماد جي رٿ واپس وٺندي
حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ معاملا طئي ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania