اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڌرتي تي رهندڙ هر انسان کي ماحول دوستي جو فرض ادا ڪرڻو پوندو، وقت جي پڪار آهي ته انسانيت عالمي اتحاد بڻائي ماحول جو تحفظ ڪري، وڌندڙ عالمي گرمي پد، ٻيلن جي گهٽتائي، گليشيئرز جو پگهرجڻ وڏا خطرا آهن، عمران خان پهريون ماحول دوست وز??راعظم آهي ۽ ع??لمگير تحريڪ هلائي رهيو آهي، وز??راعظم جي ماحول کي بهتر بڻائڻ، وڻ لڳائڻ جي ڪوششن جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وز??ر چيو ته وز??راعظم عمران خان نوجوانن ۽ دنيا کي احساس ڏياري رهيو آهي ته ماحول بهتر بڻائڻ ڪيترو ضروي آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو وڻڪاري ۽ ماحول دوستي کي پاليسي سطح تي ايتري ڌيان ۽ محنت سان فروغ ڏنو پيو وڃي، اهو سلسلو جاري رهيو ته پاڪستان ۾ ماحولياتي شعبي ۾ نمايان نتيجا نظر ايندا، هن چيو ته هن سال ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي ميزباني جو شرف پاڪستان کي ملڻ دراصل پاڪستان جي ماحول دوست قدمن جو عالمي سطح تي اعتراف آهي.
ڌرتي تي رهندڙ هر انسان کي ماحول دوستي جو فرض ادا ڪرڻو پوندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ