اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سينيٽر اورنگزيب خان اورڪزئي پارٽي جو ??ثاثو آهي، وزيراعظم عمران خان جي فيصلي کي فراخدلي ۽ جذبي سان قبول ڪندي اورنگزيب خان سينيٽ ۾ پارٽي ٽڪيٽ تان دستبردار ٿي ??يو آهي، سندس خدمتن مان پارٽي آئنده به فائدو حاصل ڪندي. هو سينيٽر اورنگزيب خان جي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ريلو?? وارو وف??قي وزير اعظم سواتي سينيٽر اورنگزيب خان جي رهائشگاهه جو ??ورو ڪيو ان موقعي تي سينيٽر سجاد حسين، سينيٽر مرزا آفريدي، نصيب الله بازئي به ساڻس گڏ هئا، وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته سينيٽر اورنگزيب خان جو ??علق اڳوڻي فاٽا سان آهي، هن جنهن جذبي ۽ فراخدلي سان وزيراعظم عمران خان جو فيصلو مڃيو آهي اهو واکاڻ جوڳو آهي، اسان سندس ٿورو ادا ڪرڻ آيا آهيون، هو آئينده به اسان سان گڏ رهندو. هن چيو ته سينيٽر اورنگزيب خان جي پارٽي جي لاءِ ڪيتريون ئي خدمتون آهن ۽ اڄ به هو انهي طرح جي خدمتن سان ڀرپور آهي جهڙي طرح پهرين پارليامينٽ ۾ پي ٽي آءِ جو موقف پيش ڪندو رهيو آهي.
سينيٽر اورنگزيب خان اورڪزئي پارٽي جو اثاثو آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی