لاهور – 30 مارچ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته رستن تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ريلوي کي بهتر ڪرڻو پوندو، مزدورن جون پگهارون وڌائڻ جي حق ۾ آهيان، جمهوري وز??راعظم آهيان سوچي سمجهي مالي بجيٽ موجب فيصلا ??ندو آهيان، اڳوڻن وز??راعظمن وانگر ??اد??اهه بڻجي پئسا نه ٿو ورهائي سگهان، ريلوي نظام جي بهتري لاءِ چين کان مدد وٺنداسين. لاهور ۾ جناح ايڪسپريس (لاهور – ڪراچي – لاهور) ٽرين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وز??راعظم چيو ته پوري دنيا ۾ ريل عام ماڻهو استعمال ڪري ٿو ۽ اسان کي رستن تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ، عوام جي سهولت ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ ريلوي نظام کي بهتر بڻائڻو پوندو.
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ