اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اين آر او جو سهارو چور وٺندا آهن، اسان ڪو ڌاڙو ناهي هنيو، مسلم ليگ (ن) حڪومتي نظام وڏي صاف ۽ شفاف انداز ۾ هلايو آهي اسان کي ڪنهن اين آر او جي ڪا ضرورت نه آهي، گاريون ڏيندڙن سان ڪهڙيون سياسي ڳالهيون ڪيون وڃن؟ انهن سان ڳالهيون اي??دڙ چونڊن جي موقعي تي ئ?? ٿينديون. هن اهڙن خيالن جو اظهار پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي سان ملاقات ??ور??ن ڪيو جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پي آر اي جي آجيان ڪندي چيو ته اخبارن ۾ شايع ٿي??دڙ پارليامينٽ جي ڊائري اڃا به اسان جي تڪن ۾ وڏو اثر رک?? ٿي ۽ وڏي دلچسپي سان پڙهي وڃ?? ٿي. سياسي ڳاله ٻولهه ۽ ڳالهين جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪي ماڻهو پارليامينٽ تي لعنت وجهي رهيا آهن انهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون وڃن؟ هر سياسي پارٽي پنهنجي طور تي ان ڳالهه لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ته اها ڪهڙي طرح اي??دڙ چونڊن ۾ عوام کي پنهنجي طرف راغب ڪري سگهي.
مسلم ليگ (ن) حڪومتي نظام شفاف انداز ۾ هلايو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کڑک