مسقط – 12 نومبر (اي پي پي ) اومان پنهنجو پهريون سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلي ڇڏيو . پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو سيٽلائيٽ اومان لاءِ خلا مان اهڙي ڊيٽا ۽ تصويرون فراهم ڪندو جيڪو ايندڙ سالن دوران اومان جي سلطنت لاءِ شهري پلاننگ، ٻ??لن جي نگراني ۽ ڊيزاسٽر مينيجمينٽ شعبي لاءِ فائديمند هوندو. ان سيٽلائيٽ کي اومان او ايل -1 جو نالو ڏنو آهي. جيڪو مصنوعي ذهانت جي جديد سهولت سان جديد ترين ٽيڪنالاجي تحت بڻايو ويو آهي.ان کي چين جي مدد سان چين راڪيٽ مينو فيڪچرنگ (سي اي ايس) اسپيس تان لانچ ڪيو ويو آهي. ملڪ جي جديد ترين ٽيڪنالاجي جي بنياد تي مقامي طورتي پهريون تيار ڪيل سيٽلائيٽ مشاهداتي صلاحيت جي حوالي سان غي?? معمولي آهي جيڪو مصنوعي ذهانت سان ليس هجڻ سبب غي?? معمولي مفاصلي تان به شين کي سمجهڻ جي صلاحيت رکي ٿو . ان جي تياري بنيادي طورتي اومان جي فضا جي مانيٽرنگ ۽ جائزي لاءِ ڪئي وئي آهي . جيڪا ريئل ٽائ??م ۾ تصوير جي فراهمي ۾ مدد ڏيندي جنهن سان قدرتي وس??لن جي حوالي سان پڻ اومان کي پنهنجا منصوبا تيزي سان اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي.
اومان پنهنجو پهريون سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2