اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي نا??ا قائم آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن نا??ن ۾ ايندڙ سالن ۾ گڏيل فائدن جا بيشمار موقعا موجود آهن، جن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. آمريڪا به پاڪستان جو اهم واپاري ڀائيوار آهي. اهڙو اظهار هن چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي، پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد سان ملاقاتن دوران ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سيد طارق فاطمي به موجود هو. چين ۾ پاڪستان جي سفير ملاقات دوران ناڻي واري وزير پاڪستان جي ا??تصادي صورتحال ۾ اهم اڳڀرائي خاص طور تي ڪاروباري برادري ۽ـ سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد تي تفصيلي روشني وڌي. هن اقتصادي سفارتڪاري ۽ سهڪار جي ا??ميت تي زور ڀريندي چيو ته پاڪستان جي وڌندڙ معيشت ۾ اقتصادي ڀائيوارين جي وڌيڪ ضرورت آهي. سفير ناڻي واري وزير کي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻه طرفن نا??ن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي جاري ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار کي وڌائڻ لاءِ ٿيل اعليٰ سطح جي ملاقاتن، وفدن جي مٽاسٽا ۽ معاهدن جي تفصيلن کان به آگاهه ڪيو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اسٽريتجڪ ۽ اقتصادي نا??ن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ان تي ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن نا??ن ۾ ايندڙ سالن ۾ گڏيل فائدي جا بيشمار موقعا موجود آهن جن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. ناڻي وزير پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير الوداعي ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڌُرين گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان ۾ اقتصادي سهڪار ۽ ٻه طرفن نا??ن تي خاص توجهه ڏني وئي. ناڻي واري وزير، سفير کي پاڪستان جي ا??تصادي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ حڪومت جي سڌارن واري ا??جنڊا تي روشني وڌي جنهن جو مقصد معيشت ۾ استحڪام آڻڻ ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل اؤسر ذريعي معاشي گهٽ وڌائي کي ??تم ڪرڻ آهي. هن انهن شعبن جي نشاندهي ڪئي جتي سڌارا ڪيا پيا وڃن ته جيئن پائيدار اقتصادي ترقيءَ کي هٿي ڏئي سگهجي. ناڻي واري وزير آمريڪا جو شڪريو ادا ڪيو جنهن پاڪستان طرفان عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ايس بي ا?? معاهدي ۽ ان کانپوءِ توسيع فنڊ سهولت معاهدي کي ??تمي شڪل ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ناڻي واري وزير خاص طور تي آءِ ٽي روانگي واپار وڌڻ واري شعبي جو ذڪر ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته آمريڪا سان ڊجيٽل روانگي واپار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ لاءِ اهم امڪان موجود آهن. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ آءِ ٽي ۽ ڊجيٽل خدمتن جي شعبن ۾ واپار وڌائڻ جي روشن امڪانن کي ??جاگر ڪيو جنهن سان ٻنهي ملڪن کي ??قتصادي نا??ن مان فائدو پهچي سگهي ٿو. عهدو ڇڏيندڙ سفير آمريڪا ۽ـ پاڪستان وچ ۾ مضبوط ۽ دير تائين رهندڙ نا??ن جي تعريف ڪئي ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سندس ملڪ پاڪستان جي ا??تصادي سڌارن ۽ ترقي لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکندو. ملاقات جي پڄاڻي خوشگوار انداز ۾ ٿي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر سان ملاقات ۾ گورنر پاڪستان جي مالياتي ڍانچي کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ جاري ۽ منصوبا بندي وارن قدمن جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو. هن پرڏيهي مٽاسٽا جي شرح کي مستحڪم ڪرڻ ۽ پرڏيهي پرڏيهه مان آيل ناڻي جا ذخيرا وڌائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن کي ??جاگر ڪيو. بئنڪنگ جي شعبي جي مجموعي ڪارڪردگي ۽ ان جي ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار به تي خيالن جي مٽاسٽا ڪئي وئي جنهن ۾ ڌُرين ان شعبي جي ا??تصادي ترقيءَ ۾ معاونت ڪندڙ اهم ڪردار کي ??سليم ڪيو. ملاقات ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي پرڏيهه اُماڻيل ناڻي جي رفتار کي وڌيڪ وڌائڻ جي قدمن تي به ڳالهيون ٿيون ۽ ٻنهي طرفان ان اهم ذريعي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ تعاون جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ناڻي واري ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ناڻي وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ وچ ۾ مسلسل سهڪار جي ا??ميت آهي ته جيئن اقتصادي استحڪام ۽ جٽادار ترقي حاصل ڪري سگهجي. ملاقات جي پڄاڻي ا?? عزم سان ٿي ٻئي ادارا هڪٻئي سان گڏجي پاڪستان جي ا??تصادي استحڪام ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪندا رهندا.
پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي ناتا آهن ۽ آمريڪا به اهم واپاري ڀائيوار آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil