اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڪالهه اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي بيان موجب نائب وزيراعظم او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان ۾ آجيان ڪندي مسلم ڪميونٽيز ۾ نياڻين جي تعليم، ??ئل??نجز ۽ موقعن جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس ۾ او آءِ سي طرفان اعليٰ سطح جي شرڪت کي ساراهيو. ان موقعي تي غزه ۽ وچ اوڀر جي صورتحال، ڀارت جي غير قانوني قبض?? هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير، افغانستان، اسلامو فوبيا، سڄي دنيا ۾ مسلمانن خلاف اڻبرابري و??ري سلوڪ، تشدد ۽ ان سلسلي ۾ او آءِ سي جي ڪردار تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. محمد اسحاق ڊار او آءِ سي جي اصولي موقف ۽ ڪشميرين جي خودمختياري و??ري حق جي منصفاڻي جدوجهد جي پختي حمايت کي به ساراهيو ۽ اسلامو فوبيا تي او آءِ سي جي خاص نمائندي جي مقرري جي به واکاڻ ڪئي.
سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania