اسلام آب??د 8211; 14 – نومبر (اي پي پي) نائب و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل عرب ام??رات جي نائب و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان جي دعوت تي گڏيل عرب ام??رات پهچي ويو جتي هو 15 کان 17 نومبر 2024ع تي ٿيندڙ 15هين سربني ياس فورم ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري ايڪس تي پوسٽ موجب نائب و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان اهم فورم جي موقعي تي عالمي اڳواڻن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقاتون پڻ ڪندو ۽ علائقائي سلامتي، معيشت، تعاون ۽ پائيدار ترقي سميت اهم معاملن تي خطاب ڪندو. پنهنجي خطاب ۾ پرڏيهي وزير مُشڪل علائقائي چئلينجز جي سفارتي حل کي فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل خوشحالي جي ق??من جي حوالي سان پاڪستان جو اسٽريٽجڪ موقف پيش ڪندو. واضح رهي ته نائب و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل عرب ام??رات جي پنهنجي هم منصب جي دعوت تي گڏيل عرب ام??رات جو دورو ڪري رهيو آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 15هين سربني ياس فورم ۾ شرڪت لاءِ گڏيل عرب امارات پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر