اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قوم?? جي هٿيار?? جي خاتمي بابت پروگرام جي فيلوشپ جي شرڪت ڪندڙن پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب شرڪت ڪندڙن کي ڊائريڪٽر جنرل (آرمز ڪنٽرول ۽ هٿيارن جو خاتمو)، سفير طاهر ا??در??بي هٿيار?? جي ڪنٽرول، هٿيار?? جي خاتمي ۽ عدم ڦهلاءُ تي پاڪستا?? جي موقف تي بريفنگ ڏني. هن پرامن سماجي ۽ اقتصادي ايپلي ڪيشنز جي لاءِ ٻٽي استعمال جي ٽيڪنالاجيز تائين غيرمحدود په?? جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. گڏيل قوم?? جي هٿيار?? جي خاتمي جي فيصلوز جو تعلق 25 ملڪن سان آهي، اهي پنهنجي عالمي مطالعاتي دوري جي هڪ حصي جي طور تي 20 کان 23 آڪٽوبر تائين پاڪستا?? جي دوري تي آهن. دوري جو اهتمام پاڪستان حڪومت گڏيل قوم?? جي هٿيار?? جي خاتمي بابت معاملن واري آفيس يو اين او ڊي او جي تعاون سان ڪيو آهي، جنهن جو مقصد عالمي سفارتڪارن کي پاڪستا?? جي پاليسين ۽ هٿيارن تي ضابطو آڻڻ، هٿيار?? جي خاتمي ۽ عدم ڦهلاءُ بابت اداراجاتي فريم ورڪ کان واقف ڪرائڻ آهي. پنهنجي دوري دوران فيلوز پاڪستان سينٽر آف ايڪسي لينس آن نيوڪليئر سيڪيورٽي، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پنسٽيڪ، وا??ه ڪينٽ ۾ پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز، ٽيڪسلا ۾ هيوي مڪينيڪل ڪمپليڪس، نيشنل سينٽر فار فزڪس ۽ سينٽر فار انٽرنيشنل اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جو دورو ڪندا. شرڪت ڪندڙن کي پاڪستا?? جي ائٽمي تحفظ ۽ حفاظتي ڍانچي، ريگيوليٽري فريم ورڪ ۽ عالمي معيارن موجب اختيار ڪيل تحفظ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي. انهن معيارن کي عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي تسليم ڪيو آهي. پنسٽيڪ ۾ اهي پاڪستان اٽامڪ ريسرچ ري ايڪٽر ۽ صحت، صنعت، زراعت، خوراڪ جي حفاظت ۽ بجلي جي پيداوار ۾ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال جو مشاهدو ڪندا. 1978ع ۾ قائم ڪيل هٿيار?? جي خاتمي تي گڏيل قومن جو فيلوشپس پروگرام يو اين او ڊي او جو هڪ باوقار پروگرام آهي ۽ نوجوان پيشيور ماڻهن کي قابل قدر تربيت فراهم ڪري ٿو. پاڪستان ٻيو ڀيرو گڏيل قوم?? جي هٿيار?? جي خاتمي جي فيلوز جي عالمي مطالعاتي دوري جي ميزباني ڪري رهيو آهي.
گڏيل قومن جي هٿيارن جي خاتمي بابت پروگرام جي فيلوشپ جي شرڪت ڪندڙن جو پرڏيهي وزارت جو دورو
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن