اسلام آباد -16 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي گادي واري هنڌ کي دلڪش، دل لڀائيندڙ ۽ رنگ برنگي بتي?? سان سجايو ويو، جنه?? سان شهر جو قدرتي حسن ٻيڻو ٿي ويو. سي ڊي اي شهر جي اهم هنڌن، رستن ۽ چونڪن کي ٿري ڊي لائيٽ?? سان سجايو. شاهراه دستور، سرينا چوڪ ۽ راول ڊيم چوڪ جهڙن اهم علائقن ۾ عمارتن ۽ يادگارن کي خوبصورت گل?? سان سجايو ويو جيڪو پاڪستان جي شاندار ثقافتي ورثي ۽ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي اتحاد جي ڀرپور عڪاسي ڪري رهيو آهي. دل کي وڻندڙ سجاوٽ سان ڄاڻ??يل هنڌ هڪ شاندار منظر پيش ڪري رهيا هئا. خوبصورت منظر ڏسندڙ شهري ڄاڻ??يل روشنين ۽ گلن جي ڊيزائن مان مزو وٺندا رهيا جيڪي جديد ٽيڪنالاجي ۽ روايتي جماليات جو حسين منظر ڏئي رهيا هئا. رستن ۽ پلن کان وٺي عمارتن تي وڏي پئماني تي اسلام آباد کي سربراهه اجلاس جي شان مطابق روشنين ۽ ڀرپور سجاوٽ ذريعي خوبصورت شهر ۾ تبديل ڪيو ويو. اسلام آباد خوبصورت روشني?? سان چمڪي رهيو هو، هي خوبصورتي عالمي اڳواڻن جي ميزباني لاءِ پاڪستان جي عزم جي به عڪاسي ڪري ٿي. ان سربراهي اجلاس ۾ علائقائي سلامتي، اقتصادي تعاون ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا جهڙن اهم معاملن تي ڌيان ڏنو ويو. اسلام آباد ۾ وفدن جي شاندار استقبال لاءِ سي ڊي اي خاص انتظام ڪيا جن ۾ پاڪستان جي مهمان نوازي ۽ عالمي سطح تي اهم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ سندن چاهه ۽ عزم جي جهلڪ نظر اچي ٿي.
ايس سي او سربراهه اجلاس جي موقعي تي گادي وارو هنڌ روشنين واري شهر ۾ تبديل، اسلام آباد جو قدرتي حسن ٻيڻو
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada