??سل??م آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن العزيز الفالح پاڪ – سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪن??ي چيو آھي ته تازي دوري دوران ??نھي ملڪن جي واپاري وفدن وچ ۾ ملاقاتون اثرائتون ثابت ٿيون آھن. جمعي تي منعقد ٿيل فورم جي موقعي تي خيالن جو اظھار ڪن??ي سعودي وزير چيو ته اھو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ڀائراڻن ناتن ۾ وڌيڪ اضافي جو سبب بڻجندو. ھن چيو ته تازي دوري دوران ??اڪستان سان ڪيترن ئي معاھدن ۽ مفاھمت جي يادداشتن تي صحيحيون ڪيون ويون آھن، جن سان ??نھي برادر ملڪن جي اقتصادي ۽ واپاري رابطن کي ھٿي ملندي.
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔