اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قلات ۾ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي واقعي جي فوري جاچ ۽ ذميوارن جي نشاندهي ڪري ان??ن کي سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ??ول??س ۽ ليويز اهلڪارن ۽ شهرين جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، هن شهيدن کي خراج ع??يدت پيش ڪندي ان??ن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ??ول??س ۽ سيڪيورٽي ادارن جي لازوال قربانين کي قوم ڪڏهن به نٿي وساري سگهي، ملڪ دشمن عنصر اهڙي بزدل??ڻي ڪاررواين سان پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جي ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.
وزيراعظم پاران قلات ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت، واقعي جي فوري جاچ ۽ ذميوارن جي نشاندهي ڪري انهن کي سزا ڏيارڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea