اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وفاقي محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي محتسب تائين پهچ کي وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو ان جي خدمتن مان فائدو کڻي سگهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ کيس وفاقي محتسب جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي. ملاقات دوران صدر کي ٻڌايو ويو ته وفاقي محتسب 2023ع ۾ سرڪاري کاتن جي بدانتظامي جي خلاف رڪارڊ 194099 شڪايتن تي ڪاررو??ئي ڪئي. وفاقي محتسب جي رپورٽ موجب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ سال 2023ع ۾ شڪايتن تي ڪاررو??ئي ۾ 18 سيڪڙو اضافو ٿيو، مجموعي شڪايتن مان 193028 جو ازالو ڪيو ويو، سال 2022ع جي ڀيٽ ۾ شڪايتن جي ازالي ۾ 22 سيڪڙو اضافو ٿيو. وفاقي محتسب ملاقات ۾ صدر کي محتسب جي ڪارڪردگي ۽ قدمن بابت آگاهه ڪندي چيو ته وفاقي محتسب سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف شڪايت ڪندڙن کي فوري ۽ بنا معاو??ي انصاف فراهم ڪري رهيو آهي. وفاقي محتسب چيو ته سال 2023ع ۾ 49190 شڪايتون آن لائين مليون، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 47 سيڪڙو اضافو ٿيو، موبائيل ايپ جي ذريعي 22321 شڪايتون مليون جن ۾ سال 2022ع جي ڀيٽ ۾ 21 سيڪڙو اضافو ٿيو. صدر کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ويو ته محتسب ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪيسن جو جلد ازالو ڪري رهيو آهي جڏهن ته هو ڏرانهن علائقن تائين پهچ وڌ??ئي رهيو آهي. وفاقي محتسب چيو ته نئين علائق??ئي آفيسن، کلي ڪچهرين، تڪرارن جي غيررسمي حل ۽ انسپيڪشن ٽيمن جي دورن سان شڪايتن جي ازالي ۾ مدد ملي آهي جڏهن ته شڪايتن جي داخلا ۾ اضافو ٿيو. صدر آصف علي زرداري کي ان ڳالهه کان به ??گاهه ڪيو ويو ته وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ ۾ اوورسيز پاڪستانين جي آفيس رڪارڊ 202367 شڪايتن تي ڪاررو??ئي ڪئي آهي. ان موقعي تي صدر وفاقي محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ پهچ وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو.
صدر آصف علي زرداري کي وفاقي محتسب جي سالياني رپورٽ پيش
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری