اسلام ??باد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان افغانستان کي ڪيترائي ڀيرا ٺوس ثبوت ڏنا ۽ اهو مطالبو ڪيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پاڪستان 18 مارچ تي افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. پريس بريفنگ ۾ هن چ??و ??ه افغانستان جي خودمختياري جو احترام ڪريون ٿا، افغانستان ڳالهين جي ذريعي مسئلن جو حل چاهيون ٿا. ترجمان چ??و ??ه افغانستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو ويو. ترجمان فلسطين ۾ اسرائيلي فوج جي جارحاڻي ڪاررواين خاص طور تي غزه جي شفاءَ اسپتال تي تازي حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن ۾ رپورٽس موجب وڏي انگ ۾ معصوم ٻا?? ۽ ??ورتن سميت عام ??هري مارجي ويا آهن. هن چ??و ته بيگناهه ماڻهن ۽ شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ جنگي ڏوهن جي زمري ۾ اچي ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چ??و ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشم??ر ۾ انساني حقن جي جاري پائمالين جي پڻ شديد مذمت ڪئي. هن چ??و ته گذريل ٽن مهينن دوران ڀارت والاريل ڪشمير جي 14 سياسي پارٽين تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. ترجمان چ??و ته والاريل ڪشم??ر ۾ اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي جي مذمت ڪريون ٿا، ڪشميري سياسي پارٽين تي پابندي مذمت جوڳي آهي. ڪشمير بابت ڀارتي ليڊرن جي تازن بيانن کي رد ڪندي هن چ??و ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي جنهن جو حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي ذريعي ممڪن آهي.
پاڪستان افغانستان کي ڪيترائي ڀيرا ٺوس ثبوت ڏنا، 18 مارچ تي افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی