اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڀا??ت تي زور ڏنو آهي ته هو ڪشميري عوام تي ڏاڍ جو خاتمو ڪري ته جيئن اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ??ري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گڏيل قومن جي انساني حقن جي لاءِ اسپيشل پروسيجرز هڪ ڀيرو ٻيهر ڀا??تي قابض فوج پاران ڀا??ت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ ۽ والاريل علائقي ۾ صحافين سميت سول سوسائٽي جي ميمبرن، انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ سياسي شخصيتن تي پابنديون هڻڻ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي اسپيشل پروسيجرز ان ڳالهه جو پڻ ذڪر ڪيو آهي ته ڀا??ت جي دهشتگردي جي خاتمي جي قا??ونن جو فريم ورڪ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ عالمي انساني حقن جي قا??ون جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي. گڏيل قومنج ي خصوصي طريقيڪار اڳ ۾ ئي والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي انفرادي الزامن تي ڪيترائي ڀيرا آواز اٿاريو آهي جن ۾ غيرقانوني حراست، عدالت کان مٿانهين قتل، جبري گمشدگي، تشدد، اڻوڻندڙ سلوڪ، ڌمڪين ۽ انتقامي ڪاررواين کانسواءِ ڄمون ۽ ڪشمير اسٽيٽ هيومن رائيٽس ڪميشن جي اوچتو بندش شامل آهي جنهن خطي جي ماڻهن کي انهن جي انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جي خلاف ورزي جي ازالي ۽ جوابدهي جي لاءِ تمام گهٽ قا??وني سهولت فراهم ڪئي. ترجمان چيو ته گڏيل قومن پاران تازه ترين بيان هڪ ٺوس دستاويز آهي جنهن ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي قا??ونن تحت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو احاطو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهو ڀا??ت تي انساني حقن جي رڪارڊ ۽ والاريل ڪشمير جي سنگين صورتحال تي فرد جرم لاڳو ڪري ٿو. ترجمان ڀا??ت تي زور ڏنو ته هو ڪشميري عوام تي پنهنجو ڏاڍ ختم ڪري ته جيئن اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ??ري.
ڀارت ڪشميري عوام تي ڏاڍ جو خاتمو ڪري: پاڪستان جي پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری