اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر فاروق ستار، آ??ِ ٽي وارو وفاقي وزير سيد ام??ن الحق ۽ سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري شامل هئا. وفد ستين ڊيجيٽل آدمشماري ۾ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ آدمشماري بابت انهن ج?? تجويزن جي شموليت تي وزير??عظ?? جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي وزير??عظ?? چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ستين ڊيجيٽل آدمشماري خيريت سان مڪمل ٿي وئي ۽ نتيجن جي منظوري سمورين سياسي پارٽين جي اتفاق راءِ سان ٿي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وفد وزير??عظ?? کي سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ جاري ترقيا??ي منصوبن جي حوالي سان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق پاور وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير به موجود هئا.
وزيراعظم سان ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ جي وفد جي ملاقات، ستين ڊيجيٽل آدمشماري ۾ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ آدمشماري بابت انهن جي تجويزن جي شموليت تي ٿورا مڃيا
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ